صنعتي مينهن
انگريزي ٻوليءَ جي ماهوار رسالي ”ريڊرس ڊائجسٽ“ ۾ هڪ سيلزمين جي دلچسپ ڳاله پڙهيم.جيڪا هن طرح بيان ڪيل هئي.
هڪ سپر اسٽور جي مالڪ پنهجي هڪ سيلزمين کان پڇيوته” اڄ گھڻن گراهڪن کي مال وڪرو ڪيئي؟“ سيلزمين چيوته” صرف هڪڙي ئي گراهڪ کي مال وڪم“.
اسٽور جي مالڪ چيس ته ”پوءِ ائين ڪم ڪيئن هلندو.“سيلزمين جواب ۾ ٻڌايس ته ”پر ان هڪڙي گراهڪ کي لکين ڊالرن جون شيون وڪم.“ مالڪ حيران ٿي پڇيو ته ”اهو وري ڪيئن؟“ سيلزمين ٻڌايس ته” گراهڪ کي مٿي ۾ سور هو ڊسپرين جي گوريءَ وٺڻ آيو هو ،مون هن کي چيو ته مٿي ۾ سور فڪرمندي ۽ پريشانيءَ جي ڪري پوي ٿو،وندر ڪرڻ لاءِ مڇيون مارڻ جو شغل اختيار ڪريو.ان لاءِ هڪ ڪنڍي وٺو،۽ ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيڙي به وٺو.ان ۾ چڙهي ته مڇيون ڦاسائيندا.پر مڇيون ڦاسائڻ لاءِ ڇا تي چڙهي درياءَ تي ويندا؟ ان لاءِ توهان کي هڪ گاڏي به کپي،ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته هڪ گاڏيءَ به وٺو.اهڙيءَ طرح اهي سڀ شيون ان هڪ ئي گراهڪ کي وڪم.“اها ڳاله ٻڌي ان سپر اسٽور جو مالڪ ڏاڍو خوش ٿيو.
ڳوٺ ۾ هڪ دڪاندار جي دڪان تي بيٺو هوس،ته هڪ گراهڪ اچي ڪنهن شيءِ جو پڇيس،دڪاندار چيس ” بيه ته ڳولي وٺان“،ڪجھ وقت تائين دڪانداراها شيءِ ڳوليندو رهيو،گھربل شيءِ هٿ نه آيس،ته گراهڪ چيائين ته ”اها شيءِ موجود نه آهي.“
گراهڪ جي وڃڻ کان پوءِ دڪاندار مون کي ٻڌايو ته ڪامياب دڪاندار جو اهو اصول آهي ته جي شيءِ موجود نه به هجي ته به گراهڪ کي ڳولڻ جو چئي دڪان ۾ ڪجھ وقت تائين بيهارجي ته مختلف شيون ڏسي متان ٻئي ڪا شيءِ خريد ڪري.
هڪ همراه نئون دڪان ٿي کوليو ته هڪ پراڻي دڪاندار کان مشورو ورتائين ته ڪهڙي شيءِ جو دڪان کوليان.پراڻي دڪاندار چيس ته جيڪڏهن مٽيءَ به دڪان تي رکندين ته سا به وڪامي ويندي.تنهنڪري جيڪي وڻي سو وڪڻ ماڻهوءَ پاڻهي وٺي ويندا.
هڪ دفعي ڪوسٽر ۾ حيدرآباد وڃي رهيو هوس.ڀر ۾ ويٺل به دوائن جا سيلزمين گفتگو ڪري رهيا هئا.هڪ ٻڌائي رهيو ته هالا جو هڪ ڊاڪٽر اسان کي سٺو ڌنڌو ڪرائيندو هو،پر هاڻي ويهي رهيو آهي.
ڪمپنيون دنيا ۾ ڪال سينٽر کوليو ويٺيون آهن.جن جو ڪم ئي اهو آهي ته پنهجي پگھاردارن کي مختلف ماڻهن جا فون نمبر ڏيئي انهن کي پنهنجيون شيون خريد ڪرڻ لآءِ آماده ڪرڻ.
هڪ دفعي مهراڻ شگرملز ٽنڊوالهيار تي پوسٽ آفيس جي ڀر ۾ بيٺو هوس ته اتي هڪ سوزوڪي اچي بيٺي،جنهن ۾ ڪجھ سامان پيل هو.اتان هڪ همراه اچي چيو ته ”هي ٽڪيٽ وٺو ان تي هڪ انعام رکيل آهي.“مون چيومانس ته” مون کي انعام ڪون ٿو کپي.“زور پرڻ لڳو ته ”انعام ضرور لڳندو هرو ڀرو وٺو.“ٻڌايو مانس ته ”مون وٽ هن وقت ايترا پئسا به پيل نه آهن.“.چيائين ته ”ڪنهن کان کڻي اوڌارا وٺو“،مون کي اتي ڪم هو ۽ ڪجھ وقت تائين مون کي اتي ضروري بيهڻو هو،نيٺ ڪنهن کان پئسا وٺي جھڙو ڪر اتي بيهڻ جو ٽيڪس اداڪيم ۽ جان ڇڏايم ۽ اهو ٽڪيٽ ورتم،هڪڙي ڀڳل ڪئميرا( جنهنجي مون کي ڪا به ضرورت نه هئي) ۽ هڪ ڪسٽرڊ جو دٻو ڏنائين،اهو مڙيئي کائڻ جي لاءِ استعمال ۾ اچي ويو.
صنعتي ترقي کان پوءِ ڪمپنيون مال ٺاهڻ لڳيون آهن سو هنن کي وڪڻو به آهي.حالت اچي اها بيٺي آهي جو ڪوبه فرد پنهنجي مرضي ۽ پلاننگ سان ڪا به شيءِ خريد ڪري اها فيصلي جي قوت به وڃائي ويٺو آهي.
هاڻي ته وڪڻڻ وارن جي رحم و ڪرم تي آهيون جيڪي وڻين سو وڪڻن.
ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ، پنهنجي حال سارو هلڻ ۽ پنهنجي ضرورت جون شيون مناسب وقت تي خريد ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ئي فرد هن صنعتي مينهن جي نقصان کان پنهنجو پاڻ کي بچائي پنهجي مالي حالت کي بهتر بڻائي سگھي ٿو.
ڳوٺ ۾ هڪ دڪاندار جي دڪان تي بيٺو هوس،ته هڪ گراهڪ اچي ڪنهن شيءِ جو پڇيس،دڪاندار چيس ” بيه ته ڳولي وٺان“،ڪجھ وقت تائين دڪانداراها شيءِ ڳوليندو رهيو،گھربل شيءِ هٿ نه آيس،ته گراهڪ چيائين ته ”اها شيءِ موجود نه آهي.“
گراهڪ جي وڃڻ کان پوءِ دڪاندار مون کي ٻڌايو ته ڪامياب دڪاندار جو اهو اصول آهي ته جي شيءِ موجود نه به هجي ته به گراهڪ کي ڳولڻ جو چئي دڪان ۾ ڪجھ وقت تائين بيهارجي ته مختلف شيون ڏسي متان ٻئي ڪا شيءِ خريد ڪري.
هڪ همراه نئون دڪان ٿي کوليو ته هڪ پراڻي دڪاندار کان مشورو ورتائين ته ڪهڙي شيءِ جو دڪان کوليان.پراڻي دڪاندار چيس ته جيڪڏهن مٽيءَ به دڪان تي رکندين ته سا به وڪامي ويندي.تنهنڪري جيڪي وڻي سو وڪڻ ماڻهوءَ پاڻهي وٺي ويندا.
هڪ دفعي ڪوسٽر ۾ حيدرآباد وڃي رهيو هوس.ڀر ۾ ويٺل به دوائن جا سيلزمين گفتگو ڪري رهيا هئا.هڪ ٻڌائي رهيو ته هالا جو هڪ ڊاڪٽر اسان کي سٺو ڌنڌو ڪرائيندو هو،پر هاڻي ويهي رهيو آهي.
ڪمپنيون دنيا ۾ ڪال سينٽر کوليو ويٺيون آهن.جن جو ڪم ئي اهو آهي ته پنهجي پگھاردارن کي مختلف ماڻهن جا فون نمبر ڏيئي انهن کي پنهنجيون شيون خريد ڪرڻ لآءِ آماده ڪرڻ.
هڪ دفعي مهراڻ شگرملز ٽنڊوالهيار تي پوسٽ آفيس جي ڀر ۾ بيٺو هوس ته اتي هڪ سوزوڪي اچي بيٺي،جنهن ۾ ڪجھ سامان پيل هو.اتان هڪ همراه اچي چيو ته ”هي ٽڪيٽ وٺو ان تي هڪ انعام رکيل آهي.“مون چيومانس ته” مون کي انعام ڪون ٿو کپي.“زور پرڻ لڳو ته ”انعام ضرور لڳندو هرو ڀرو وٺو.“ٻڌايو مانس ته ”مون وٽ هن وقت ايترا پئسا به پيل نه آهن.“.چيائين ته ”ڪنهن کان کڻي اوڌارا وٺو“،مون کي اتي ڪم هو ۽ ڪجھ وقت تائين مون کي اتي ضروري بيهڻو هو،نيٺ ڪنهن کان پئسا وٺي جھڙو ڪر اتي بيهڻ جو ٽيڪس اداڪيم ۽ جان ڇڏايم ۽ اهو ٽڪيٽ ورتم،هڪڙي ڀڳل ڪئميرا( جنهنجي مون کي ڪا به ضرورت نه هئي) ۽ هڪ ڪسٽرڊ جو دٻو ڏنائين،اهو مڙيئي کائڻ جي لاءِ استعمال ۾ اچي ويو.
ڪپڙي ۽ جتين جي خريداري
ته تمام گھڻي وڌي ويئي آهي.ڪو به درزي واندو ڪونهي،روز عيد لڳي پئي آهي.درزي ڪم
ڪري ٿڪي ٿا پون ۽ ڪجھ ڪم موٽايو به ڇڏين ته جيئن ته مقرر گراهن کي مقرر وقت تي ڪپڙا
سبي ڏيئي سگھن.
ٽيليويزن،اخبارن ۽ انتٽرنيٽ تي مختلف شين جي اشتهارن جو مقابلو لڳو پيو آهي. شهرن ۾ ڪمپنين جي اشتهارن جا وڏا وڏا سائن بورڊ لڳا پيا آهن ،ڳوٺن ۾ به دڪان
۽ ڪئبنون ڪمپنين جي اشتهارن سان رنگيل آهن.موبائل فونن جا ڪال ۽ ميسيج جا پيڪيج به
ايترا اچي نڪتا آهن ،جوپئسو، توجه ۽ وقت سڀ کسيو وڃن.
گھر
گھر سهڻين ۽ رنگين پنين ۽ ڳوٿرين ۾ غير معياري ۽ مضر صحت چٽي جا دڙا لڳا پيا آهنصنعتي ترقي کان پوءِ ڪمپنيون مال ٺاهڻ لڳيون آهن سو هنن کي وڪڻو به آهي.حالت اچي اها بيٺي آهي جو ڪوبه فرد پنهنجي مرضي ۽ پلاننگ سان ڪا به شيءِ خريد ڪري اها فيصلي جي قوت به وڃائي ويٺو آهي.
هاڻي ته وڪڻڻ وارن جي رحم و ڪرم تي آهيون جيڪي وڻين سو وڪڻن.
ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ، پنهنجي حال سارو هلڻ ۽ پنهنجي ضرورت جون شيون مناسب وقت تي خريد ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ئي فرد هن صنعتي مينهن جي نقصان کان پنهنجو پاڻ کي بچائي پنهجي مالي حالت کي بهتر بڻائي سگھي ٿو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو