پکين جا ڪم ته ڏسو!
هن سال فيبروريءَ جي مهيني ۾ ڪجھ ايڪڙ ڪريلي جا پوکيم.هڪ ڏينهن هڪ هاريءَ اچيءَ ٻڌايو ته هن واري پوکيل ايڪڙ ۾ پاڙواري بيماري اچي لڳي آهي يا ڪو جيت ننڍڙن تازن ڦٽل ٻوٽن کي پاڙ کان ڪتري،پٽي وڃائي،ضايع ڪري رهيو آهي،ان جو ڪو تدارڪ ڪجي نه ته ٻنيءَ تي ڪيل سڀ خرچ ٻڏي ويندو. ٻوٽي جو قد هڪ آڱريءَ جيڏو مس هو ۽ ڪي ٻوٽا هڪ پنا ته ڪي وري وڌ ۾ وڌ ٻن پنن وارا مس هئا.
پنهجيءَ ٽيم سان گڏ ٻنيءَ ته پهتس ۽ حقيقت ڄاڻڻ جي جستجو ۾ لڳي وياسين.پاڙون نڪتل ٻوٽن کي ڏسڻ کان پوءِ اهومعلوم ٿيوته نه اهي ڪتريل ،ٽٽل ۽ نه ئي وري کاڌل هئا.جنهن مان اهو پئي لڳو ته اهي ڇڪي ڪڍيا ويا آهن.پر اهي هٿ سان ڪير ڇڪي هروڀرو زيان ڪندو،ان مان ڪنهن کي ڪهڙو فائدو پهچندو،۽ هروڀرو ڪير اهڙي شرارت ڪندو؟ ان جو ڪو به جوازسمجھ ۾ نه اچي رهيو هو.متاثر ٻوٽن کان هيٺ چريءَ(پاڻيءَ جي نالي جنهنجي چوٽيءَ تي ٻج جون چنگيون هنيون وينديون آهن.ٻج هميشه پاڻي جي سطح ۽ ان کان ٿورو مٿي پيدا ٿيندڙ گپ کان به مٿي سڪي جاءِ تي هنيو ويندو آهي،ان کان هيٺ جي ٻج پاڻيءَ يا گپ ۾ لڳو ته اهو زمين ۾ ڀچي ويندو ۽ تمام گھٽ سيڪڙو ڦٽندو ۽ ان ۾ واڌارو به تمام ديرسان ايندو.صحيح جاءِ تي چنگيون لڳل ٻج جو ڦوٽهڙو ۽ افزائش پاڻيءَ جي گوڙ تي ئي ٿيندي آهي.هيءَ سڄي ڳاله بيان ڪرڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته جيئن ته ٻج سڪل،ڀريل مٽيءَ ۾ لڳل هوندو آهي ،تنهڪري ڇڪ سان سڄي جو سڄو ٻوٽو صحيح سلامت ٻاهر نڪري ايندو آهي.) ۾ غور ڪرڻ سان اتي گپ ۾ پکين جي پيرن جا نشان نظر اچڻ لڳا.پر وري به اها ڳاله سمجھ ۾ نه اچي ته پکي آخر هن ٻوٽي کي هروڀرو چهنب سان ڇڪي ٻاهرڇو ڪڍندا؟بهرحال حقيقت ڄاڻڻ لاءِ اسان جو تجسس ويتر وڌڻ لڳو؟ ايتري ۾ اسان جي نظر وڃي ٻن ٽٽيهرن(ان پکيءَ کي ڏسندي،ان جو نالو وٺندي، ٻڌندي يا لکندي مون کي پنهنجي ننڍي پڻ جو هڪ واقعو ياد اچڻ لڳندو آهي،۽ ان وقت جيڪا پريشاني ۽ گھٻراهٽ ٿي هئي ان جي ياد تازي ٿي ويندي آهي.آئون ۽ منهنجو هڪ دوست پاڙي جي هڪ گھر۾،اتي موجود پينگھي ۾ ويهي ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته،مون هن کي ٻڌايوته”اڄ مان پنهنجي ڏاڏي سان گڏ ٻنيءَ تي ويس،اتي هڪڙو نئون پکي ڏٺم،ته منهجي ڏاڏي کان ان پکيءَ جو نالو پڇيم ته هن ٻڌايو ته ان پکيءَ جو نالو ٽٽيهرآهي.“ اها ڳاله ٻڌي ڀرواري ڪوٺيءَ مان هڪڙي ماسي اسان وٽ اچي اسان کي ڏاڍا دڙڪا ڏنا.چيائين ته ” ڇوڪرا ڏاها ٿيو،گاريون نه ڏيو.“ اسان ايڏو پريشان ٿي ۽ گھٻرائجي وياسين جو نه کيس وضاحت پيش ڪري سگھياسين نه ڪجھ چئي سگھياسين.بس اوڏي مهل ئي ماٺ ڪر پنهنجي پنهنجي گھر هليا وياسين.) کي ڏٺوسين جيڪي چرين ۾ آهستي آهستي هلندي غور سان پنهجي شڪار کي ڳولي رهيا هئا،ڪيڏي مهل ساڄي ته ڪيڏي مهل کاٻي پاسي پنهجي شڪار تي جھٽ هڻي رهيا هئا. اسان ڪجھ وقت تائين پري بيهي تصديق ڪرڻ لاءِ اهو نظارو ڏسندا رهياسين.پوءِ انهن پکين کي اڏاري ويجهووڃي هنن جي تازي ڪيل نقصان جو مشاهدو ڪرڻ لڳاسين.تازو ان وقت ڪوبه ٻوٽو ته ٻاهرنڪريل ته نظر نه آيو،پر هڪڙي ڳاله نوٽ ڪئي سين ته جيتن پنهجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٻوٽي جي پنن جي پٺيان پناه ورتي هئي.ان ڳاله مان پڪ ٿي ته اهڙا جيت جيڪي ٻوٽن جي پنن ۾ لڪا ٿي تن تي پکين جي حملن جي نتيجي ۾ اهي ٻوٽا پٽجي ٻاهر نڪتا هئا.اتي ئي بيٺا هئاسين ته هڪ ٻيو هاري آيو،تنهن ٻڌايو ته اهو سڄو ڪم ڪانگن جو آهي.ڪاله شام جو هتي جام ڪانگ ڦري رهيا هئا.
وري اچي اهو سوال پيدا ٿيو ته پکين هروڀرو اچي هن ايڪڙ کي ڇو نشانو بنايو.پوءِ غور ڪرڻ سان خبر پيئي ان ايڪڙ کي انبن جا وڻ ويجھا هئا جتان هو سولائيءَ سان هن ايڪڙ تي ئي آيا ٿي.مون هارين کان پڇيو ته ڀلا ٻگھ پکين به هن فصل کي نقصان پهچايو هوندو. هنن چوڻي ٻگھ پکي هنن ننڍڙن جيتن کي ڇا ڪندا اهي ته ڏيڏرن کي ڳڙڪائي ويندا آهن.بهرحال اها پڪ ٿي ويئي ته اهو نقصان پکين ڪيو آهي.پوءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا.
1.جيتن جي خاتمي لاءِ ڦونهاري واري دوا جي وزن ۾ اضافو ڪري،ٻوٽن کي ۽ ان جي چوڌاري خالي زمين تي به ڦونهاروڪيو وڃي.
2.جھارهڪلي وڃي.
3.نئون ٻج گھرائي گوٿ ڀري وڃي.
انهن اقدامات کان پوءِ اهو ايڪڙ ڪريلي جو به سٺو ٿي ويو.منهجي زندگيءِ جو پکين مان ڪريلي جي فصل کي نقصان پهچڻ جو اهو پهريون مشاهدو هو.
وري اچي اهو سوال پيدا ٿيو ته پکين هروڀرو اچي هن ايڪڙ کي ڇو نشانو بنايو.پوءِ غور ڪرڻ سان خبر پيئي ان ايڪڙ کي انبن جا وڻ ويجھا هئا جتان هو سولائيءَ سان هن ايڪڙ تي ئي آيا ٿي.مون هارين کان پڇيو ته ڀلا ٻگھ پکين به هن فصل کي نقصان پهچايو هوندو. هنن چوڻي ٻگھ پکي هنن ننڍڙن جيتن کي ڇا ڪندا اهي ته ڏيڏرن کي ڳڙڪائي ويندا آهن.بهرحال اها پڪ ٿي ويئي ته اهو نقصان پکين ڪيو آهي.پوءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا.
1.جيتن جي خاتمي لاءِ ڦونهاري واري دوا جي وزن ۾ اضافو ڪري،ٻوٽن کي ۽ ان جي چوڌاري خالي زمين تي به ڦونهاروڪيو وڃي.
2.جھارهڪلي وڃي.
3.نئون ٻج گھرائي گوٿ ڀري وڃي.
انهن اقدامات کان پوءِ اهو ايڪڙ ڪريلي جو به سٺو ٿي ويو.منهجي زندگيءِ جو پکين مان ڪريلي جي فصل کي نقصان پهچڻ جو اهو پهريون مشاهدو هو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو