هڪ طرفي دوستي
دوستي هميشه ٻه طرفي ئي ڪامياب ٿي سگھندي آهي.ڪجھ ماڻهن کي زندگي جي ڪنهن موڙتي اچي پنهنجي دوستن کان اچي اها شڪايت پيدا ٿيندي آهي ته اهي هنن کي سمجھي نه سگھيا آهن.هو هنن سان هر ڳاله تي اختلاف ڪن ٿا ۽ سندن هر ڳاله تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا،۽ ايتري قدر جو هنن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ کان به لنوائڻ لڳن ٿا.اصل ۾ حقيقت اها آهي ته ان معاملي ۾ اصل مسئلو پسند ۽ ناپسند جو هوندو آهي.جيڪڏهن ڪير ڪنهن کي ناپسند ڪري ته پوءِ ان جي ڪا به ڳاله پسند نه ايندي آهي.ان پسند ۽ ناپسند جي عمل ۾ ڪافي عوامل شامل هوندا آهن.دلي،ذهني جسماني،علمي،اخلاقي،مالي،طبقاتي،۽ ٻيا به ڪيترا ئي عوامل ان ۾ شامل آهن.ڪن ماڻهن جو دوستيون ته مستقل به هلنديون رهنديون آهن،۽ ڪن ماڻهن جون دوستيون وقت ۽ حالات جي تبديلي سان تبديل به ٿينديون رهنديون آهن.
ننڍن ٻارن جي دوستي جا ڪارڻ شروع ۾، مائٽن جون دوستيون،۽ پاڙي ۾ هجڻ وغيره جھڙا سبب هوندا آهن.پوءِ جيڪڏهن حقيقي هم آهنگي هوندي آهي ته اهي اڳتي هلنديون آهن نه ته وري ختم ٿي وينديون آهن.پوءِ جڏهن وري ٻار اسڪول وڃڻ شروع ڪندو آهي ته اتي پاڻ سان ملندڙ طبيعت وارن ٻارن سان دوستي ڪندو آهي.
ننڍي عمر جا ٻار دوستي جي پسند جي اظهار جي باري ۾ ڏاڍا دلير هوندا آهن ۽ وڻندڙ دوستن کي راند کيڏڻ جي وقت بلڪل ڇڏڻ نه چاهيندا آهن ۽ پوءِ مائٽن کي وقت ۽ حالات کي ڏسي کين وڏي ڪوشش کان پوءِ الڳ ڪري گھر وٺي وڃڻو پوندو آهي.جيتوڻيڪ ڪجھ ٻار ته ان معاملي ۾ ضرور مختلف به هوندا آهن.
پوءِ اهي ٻار مختلف اسڪولن،ڪاليجن،يونيورسٽين ۾ ويندا آهن ته اتي به هنن جا نوان تعلق ٺهندا رهندا جن مان ڪي دوستي جي حد تائين به پهچي ويندا آهن.
پوءِ ڪي ماڻهومختلف نوڪرين ۾ لڳي ويندا آهن،ڪي وري مختلف ڪاروبارن ۽ ڌنڌن ۾ لڳي ويندا آهن،ته وري اتي حالات مطابق هنن جا نوان تعلق ۽ دوستيون وجود ۾ اينديون آهن پوءِ انهن دوستين جي ويجھڙائي جو تعلق طرفين جي طبيعتن ۽ روين سان هوندو آهي.
مطلب ته ماڻهن جي پوري زندگي دوران ڪجه ماڻهن جو دوستيون مستقل ساڳي شدت سان به هلنديون رهنديون آهن ته ڪن جون وري تبديلي جي مختلف مراحل مان به گذرنديون رهنديون آهن.
سڄي ڳاله جو تت اهو آهي ته جيڪڏهن توهان جو ماضي جو ڪو دوست توهان جي ويجھڙائپ رکڻ جي وڏي ڪوشش ۽ چاهت کان پوءِ به فاصلو رکڻ چاهي ته پوءِ هن جي باري ۾ ڪنهن به غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿيڻ گھرجي،هن جي باري ۾ ڪا بد گماني به نه ڪرڻ کپي،۽ نه ئي وري هن جي محبت ۾ ڪمي آڻجي،ڳاله کي سمجھي وڃجي،هن جا عذر به سمجھي وڃڻ کپن،پوءِ هروڀرو هن جي پٺيان لڳي هن کي تنگ به نه ڪرڻ گھرجي،۽ نه ئي وري تعلق کي هميشه لاءِ ٽوڙڻ گھرجي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو