Pages

Friday, December 25, 2015

هيڊو ماستر

آئون سنڌ،پاڪستان جي هڪ اسڪول ۾ هيڊو ماستر آهيان.مهرباني ڪري ڪير به خاص طور تي ڪو به صحافي دوست ،مون کان هيڊ ماسٽر جي سپيل نه پڇي،ڇاڪاڻ ته انهن اسپيلن تان اٺين ۽ نائين ڪلاس ۾ مون هم ڪلاسي دوستن کي ڏاڍيون ٿڦڙون هنيون.باقي استاد صاحب  مون تي ڏاڍو مهربان هو،ڪڏهن به هم ڪلاسي دوستن کي آهستي ٿڦڙ هڻڻ تي ورائي مون کي ٿڦڙنه هنيائين.
ڪير مون کان اهو به نه پڇي ته ڪو مان سرڪاري اسڪول جو هيڊوماستر آهيان يا نجي اسڪول جو.باقي مهنجو منهن ڏسي سڀ ڪو سمجھي ويندو.نجي اسڪول جو مالڪ هيڊو ماستر آهيان ته منهنجو منهن توهان کي هيڊو نه پر سونو نظر ايندو.پر جي مالڪ ٻيو ڪو آهي ۽ مان خالي هيڊو ماستر آهيان ته پوءِ سون ته پري پري تائين نظر نه ايندو،باقي ڪم جي دٻ کان رنگ اهڙو ته هيڊو نظر ايندم جو لڳندو ته مالڪن سچي پچي ڪٿي منهنجي منهن تي هيڊ جو ميڪ اپ ڪيو هجي.
ها باقي جي مان سرڪاري اسڪول جو هيڊوماستر آهيان ته پوءِ نه توهان کي منهنجي چهري تي سون نظر ايندو، ۽نه ئي وري هيڊ.بس هڪ بيمار شخص وانگرنظرايندس،جو نه ڪو استاد منهنجي ٻڌي، نه ڪوپٽيوالو ۽ نه ئي وري ڪو ڪلارڪ.
اڪثر اسڪولن ۾ نه ڪلارڪ آهن نه ئي وري ڪلارڪ جي پوسٽ آهي.منهنجي اسڪول ۾ به ڪلارڪ  آهي ئي ڪونه.جن وٽ ڪلارڪ آهن تن جو چوڻ آهي ته جي ڪلارڪ ٽي چار آهن ته پوءِ انهن ۾ صفا ڪم نه ڪرڻ جو مقابلو هلندڙ هوندو آهي.پوءِ جيڪو مقابلو کٽي باقي ڪونه ڪو ڪم وارو مليو وڃي.
ڪي ڪلارڪ جيڪي پٽيوالي جي پوسٽن تان ترقي ڪري ڪلارڪ ٿيا آهن سي نه ڪم ڄاڻن نه ئي وري سکڻ جو شوق رکن.هرڪم جو بس هڪڙوئي جواب هوندو ”آئون ڪم نه ٿو ڄاڻان“.
چون ٿا ته هڪ اهڙو دلچسپ ڪلارڪ هو، جيڪوپٽيوالي جي پوسٽ تان ترقي ڪري ڪلارڪ ٿيو هو سو اچي ڦاٿو،چي! مون کي پوئتي demote ڪريو،هي ڪم مون کان نه ٿو پهچي.پوءِ ان ڊپ ۾ ته مٿئين گريڊ ۾ وڌيڪ ورتل پگھار به واپس ڪرڻي پوندي،نيٺ پنهنجي ضد تان لٿو ۽ ڪلارڪ رهڻ قبول ڪيائين.
سو جنهن ڏينهن منهنجي مٿان وارن جو رويو شفقت ڀريو ٿيو۽ جي منهنجا سب آرڊينيٽ آهن تن مون سان تعاون ڪرڻ شروع ڪيو ته مهنجي چهري جي هيڊاڻ هلي ويندي.صحت به سٺي ٿي پوندم.اسڪولن جو ڪم به سٺو هلڻ شروع ٿي پوندو.بس دعا ڪريو ته مان جلدي هيڊو ماستر مان هيڊ ماستر ٿي وڃان.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو