منهنجي والدين جا چار ٻار خاص(special) پيدا ٿيا.جن مان منهنجا ٽي ڀاءُ جيڪي مون کان وڏا هئا، سي ڪافي عرصو اڳي انتقال ڪري چڪا.هڪ ادي جيڪا عمر مون کان ننڍي هئي سا به 2009 ع ۾ انتقال ڪري ويئي.هڪ جيڪا عمر مون کان وڏي آهي سان اڃا حيات آهي.سا جيڪڏهن اسان جي گھرجي ڪنهن فرد جي ڪا خدمت ڪندي آهي،مثال طور مهنجا ٻه ٻار آهن تن مان ڪنهن کي پاڻي به پياريندي آهي ته هڪ مخصوص جملو چوندي آهي ته آئون اهو ان لاءِ پيئي ڪريان جو هن کي وڻا ٿي.
اسين سڀ گھر جا عام ماڻهو ان جو مقصد اهو سمجھندا هئاسين ته هي ابتي ڳاله پيئي ڪري ،چوڻ کپي،يا هي چوڻ چاهي ٿي ته هن جو هي ڪم ان لاءِ پيئي ڪريان جو هي ٻار يا گھر جو هي فرد مون کي وڻي ٿو،پر هي ڳاله ابتي پيئي ڪري.
هڪ ڏينهن مون کي اوچتو هن جي ڳاله سمجھ ۾ آئي ته هو ڳاله ته سبتي پيئي ڪري پراسان ان کي ابتو پيا سمجھون.ماڻهوءَ صرف ان جو چيو نه مڃيندو آهي جيڪو کيس وڻي پر ان جو اڃا وڌيڪ چيو مڃيندو آهي جنهن کي ماڻهوءَ پاڻ وڻي.
اها ڳاله جيڪڏهن پاڻ عام ماڻهن جي سمجھ ۾ اچي وڃي جيڪر پاڻ لاءِ الله سائينءَ جي حڪمن کي سمجھڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ آسان ٿي پوي.
اسان جي دلين ۾ الله پاڪ جي محبت جيستائين ان درجي تي پهچي جو اسان کي اخلاص ۽ نيڪ عملن تي آماده ڪري،۽ ان ۾ ترقي جو سبب بڻجي.تيستائين اها ڳاله ته سمجھڻ وڌيڪ آسان آهي ته الله سائين انسانن سان ڪيتري محبت ڪري ٿو،جو
انساني تخليق جي وقت فرشتن کي الله سائين جوحڪم مڃي حضرت آدم عليه الاسلام کي سجدو ڪرڻو پئجي ويو، ابليس انڪار ڪري مردود بڻجي ويو.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو