Pages

Friday, March 13, 2015

گوسڙو

ڪنهن شهر ۾ گھمندي هڪ عبادت گاه جي مين گيٽ مان اندر داخل ٿيس.هڪ اجنبي هڪ رجسٽر تي ڪجھ لکي رهيو هو. جيئن ئي هن جي ويجھو پهتس ته ڪنڌ مٿي ڪري مون کي چتائي ڏسي چيائين ”گوسڙو“ ڏي خبر اڄ ڪيئن ڀلجي پيو آهين جو اچي هتي لٿو آهين.“ ”پاڻي پيئڻ لاءِ آيو آهيان“.مون کيس جواب ڏنو.پاڻي پيءُ جڏهن موٽيس ته هن جي ڀر ۾ بيه کيس چيم  ”هتي ته برابر غيرحاضر آهيان پر گوسڙو استاد ناهيان“. ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو رڙ ڪري چيائين ته ”هل ڙي گوسڙو ماستر“ مون کي به ڏاڍي ڪاوڙ لڳي چڙ ۾ چيومانس ته ”گوسڙو ماستر نه چوء مون کي.“ طنز ڀرئي انداز ۾ وڏا ٽهڪ ڏيئي چوڻ لڳو ته ”گوسڙو گوسڙو هوندو آهي ڇا جو استاد ڇا جو ماستر“. ”ڇا به چوين پر مان گوسڙو ناهيان.“ مون کيس جواب ڏنو.
هوا جي زوڪاٽ سان گڏ هڪ رجسٽر اچي هن جي هٿ تي ڪريو.مون کي محسوس ٿيو ته هي انسان ته ڪونه ٿو لڳي پر هڪ alien آهي.مون کي اهو رجسٽر ڏيکاري چوڻ لڳو” ڏس ته تون اسڪول ۾ به غير حاضر آهين.“ اهو مسٽر رول ته ڪونه ٿي لڳو.سو مون به چيو مانس ته ”اهو ته ٻيو ڪو رجسٽر آهي.“ چيائين ته ”هي ته بلڪل اصلي حاضري جو رجسٽر آهي.باقي توهان وارو ڪوڙي حاضري وارو رجسٽر ته ڪٿي به قابل قبول نه آهي.“ ”ائين ڪونهي اسان کي  پگھارته ملي ٿي.“ مون جواب ڏنومانس. هن وراڻيو”ڀلي پيا ڪوڙا سوڙا پگھار کڻو وقت تي خبر پئجي ويندو.“
اڃا به ڪٿي ڪٿي گوسڙو آهين ڏيکاريانءِ ٿو.پوءِ جو کڻي چارئي پاسا هٿ گھمايائين ته هر طرف کان گوسڙو گوسڙو جو آواز اچڻ لڳو.منهنجو مٿو مورڳو ڦرڻ لڳو. گذارش ڪئيمانس ته ”برابر تنهجي ڳاله صحيح آهي آئون گوسڙو آهيان پر انهيءَ آواز مان ته منهجي جان ڇڏاءِ.“وري جو کڻي چوطرف هٿ ڦيرايائين ته اهي آواز اچڻ بند ٿي ويا.پوءِ هن سان هٿ ملائڻ الوداع چوڻ کانسوءِ وٺي کڻي ڀڳس.ٿورو اڳتي هلڻ کانپوءِ وري اهي ساڳيا گوسڙو گوسڙو جا آواز مون کي ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا.وري واپس اچي چيومانس ته ” ڏس  مهرباني ڪري مون مسڪين کي تنگ نه ڪر. اهي آواز ته بند ڪراءِ.“ نرم لهجي ۾ ڳالهائيندي چيائين ”اهي آواز ته هاڻي اچن ئي نه پيا مون ته ان وقت ئي بند ڪرائي ڇڏيا.“ مون کي دل ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”غور ڪري ٻڌ اهي آواز اتائين پيا اچن.“ صفا عاجزيءَ سان پڇيومانس ” هاڻي انهن آوازن مان جند ڪيئن ڇڏايان.“ شفقت سان چيائين ”سڀ ڪجھ آئون ٻڌايان يا تون پاڻ به ڪجھ ڪندين.انهن غير حاضرين تي وڃي توبه ڪر.وري وڃي سب جڳهين تي حاضريون ڀراءِ ته پوءِ اهي آواز توکي ٻڌڻ ۾ نه ايندا.“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو