Pages

Wednesday, March 11, 2015

جميل پٽاٽو

آئون جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس،تڏهن اسڪولن ۾ مار ته عام جام هئي.ان سان گڏوگڏ استاد شاگردن تي مختلف نالا رکندا هئا.ان ڪري شاگرد به هڪٻئي تي نالا رکندا هئا.
رسيس کانپوءِ اسان جو هڪ محترم استاد روز اسان شاگردن کان پڇندو رهندو هو.تنهنڪري مون کان به ڪجھ ڏينهن مسلسل پڇندو رهيو.
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
ته پوءِ ٺيڪ آهي اڄ کان پوءِ تنهجو نالو آهي پٽاٽو.جميل ڪهڙو؟ جميل پٽاٽو.
هڪڙي شاگردياڻي هئي کي مئي لکندي هئي.تنهڪري ان تي نالو رکيائين مئي.هڪڙي ڇوڪري جي نالي جي پڇاڙي ۾ مه هو  تنهنڪري ان تي نالو رکيائين مه.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو