Pages

Sunday, March 1, 2015

جتيءَ جو آٽوگراف


اسان جي معاشري ۾ سٺي نيت سان، مٿي چڙهندڙ جون ٽنگون ڇڪي هن کي مٿي  چڙهڻ کان روڪيو ويندو آهي ته متان گھڻو مٿي چڙهي پوءِ هيٺ نه ڪري، ته جيئن ته هن کي گھڻو ڌڪ نه لڳي. پوءِ جي ڪير مڃي ئي نه زوري مٿي چڙهندو وڃي،۽ جي ڪري پوي ته هن کي مٿي چڙهڻ کان روڪيندڙ سڀئي گھيرو ڪري وٺندا آهن،
 کيس ان ڳاله جو يقين ڏياريندا آهن ته  اسان تو کي اڳي ئي تنهنجي ڀلي لاءِ ٿي روڪيو. پر جيڪڏهن مٿئين منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ کيس سلام ڪيو ويندو آهي.کيس اهو به ٻڌايو ويندو آهي ته پهريائين به اسان تنهنجي ڀلي لاءِ پئي سوچيو ته جيئن ته ڪرو نه، پرجيئن ته هاڻي مٿي چڙهي چڪا آهيو،هاڻي ڪو خطرو نه اهو به سٺو ته ايترو مٿي پهچي ويا آهيو،باقي مهرباني ڪري وري جوکو( Risk) کڻي اڃا مٿي چڙهڻ جي ڪوشش نه ڪندا.
تنهن ڪري مٿي چڙهڻ جي دوران جيڪڏهن ڪير جتي لاهي وٺي ته جتي کي کڻڻ لاءِ وري هيٺ واپس متان اچو،توهان جي ڪاميابي کان پوءِ اها جتي تبرڪ طور  استعمال ڪئي ويندي. 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو