جوازي ماڻهوءَ
هن دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهوءَ آهن.هڪڙا جوازي ٻيا بي جوازي.اڪثريت جوازي ماڻهن جي آهي،۽ اقليت بي جوازي ماڻهن جي آهي.
بي جوازي ماڻهن جا وري ٽي قسم آهن،جن مان هڪ قسم مثبت،ٻيا وري نه منفي ۽ نه مثبت آهن، پرهنن جي مقصدن ۽ محنتن جي منفي يا مثبت هجڻ سان هنن جي اثر جو تعين ٿئي ٿو،ٽيا وري فطري،هن قسم ۾ ٻاراچي وڃن ٿا، جيڪي جواز ڏين ئي ڪونه،کٽ تان پيا ٽپا ڏيندا،ڪري پيا ته روئي ماٺ ڪري ويهي رهندا،پوءِ مائٽ جي ڀلي رڙ پئي پوي، ٻئي ڏينهن سڀ ڪجھ وساري وري ويٺا دنگندا.
مثبت قسم ۾ الله وارا اچي وڃن ٿا،جيڪي الله جي رضا جي ڪوشش ۾ لڳا پيا هوندا آهن،ڪنهن جي به ملامت کان ناهن ڊڄندا،ڪنهن کي به جواز ناهن پيش ڪندا.
ٻئي قسم وارا بي جوازي اهي آهن، جيڪي دنياداري جي پنهنجي شعبي ۾ بغير دنيا جي پرواه ڪئي،بنا ڪنهن کي جواز پيش ڪرڻ جي لڳا پيا هوندا آهن،جيڪڏهن دنياوي مثبتي ڪاوش ۾ لڳا پيا هوندا آهن،ته هنن جي ڪوششن جا نتيجا به مثبت نڪرندا آهن،هن ۾ اديب،شاعر،سائنسدان ٻين شعبن جا ماهر انسان اچي وڃن ٿا.ٻيا اهي آهن جيڪي بنا ڪنهن جي پرواه جي منفي سرگرمين ۾ لڳي ويندا آهن،هن قسم ۾ وري ڌاڙيل ، ڦورو، دهشتگرد،ٺڳ،جابر حڪمران وغيره اچي وڃن ٿا.
هڪڙي ڳاله طئي آهي ته دنيا ۾ اڪثر ڪاميابي جي بلندين تي ،ڪن حالتن ۾ وري منفي منزلن جي چوٽين تي به غير جوازي ماڻهوءَ ئي پهچندا آهن.
جوازي ماڻهوءَ روزمره جي زندگي ئي گذاري سگھندا آهن،دنيا ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ڪري نه سگھندا آهن.ڪجھ به ڪرڻ کان پهريائين مختلف ماڻهن کي مختلف جواز ڏيڻ جي لاءِ پيا سوچيندا آهن،چنيسر وانگر جيڪڏهن ڪير پڳ به بڌرائي ته چوندا ته ”امان کان پڇي اچان.“
ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن جوازي ماڻهوءَ کي ڪا بيماري به ٿي پوندي ته سندس همخيال جوازي هن کي گھيرو ڪري وٺندا ته هيءَ تڪليف تو کي ڇو ٿي پئي آهي.پوءِ هي ويچارو ويٺو ان جا جواز سوچيندو ۽ ماڻهن کي ٻڌائيندو.
ڏک سک،بيماري سيماري هن دنيا ۾ انسان تي الله سائين طرفان آهي،جنهن جي ذميواري پاڻ کنئي اٿائين،پوءِ مناسب اهو آهي ته جڏهن پاڻ ڪنهن پريشاني يا تڪليف ۾ ڦاسجي ته ان جا جواز به ٻين کي ڏيڻ لاءِ نه سوچجن ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن تڪليف ۾ ڦاٿل انسان کان جواز پڇجن.ان جو مقصد اهو نه آهي ته ڪو پنهنجي غلطين کي تسليم ئي نه ڪجي،اهڙيون غلطيون جيڪي گناه جي زمري ۾ اچن ٿيون،تن جو احساس هئڻ لازمي آهي،ضروري آهي ته انهن تي الله سائينءَ کان معافي وٺجي،۽ انهن کان هميشه جي لاءِ توبه ڪري ڇڏجي.الله سائينءَ جواز ناهي گھرندو،بس اعتراف،اڳتي لاءِ توبه ۽ معافي گھرڻ سان ئي ڪم ٿي ويندو آهي.هونئن به دلين جا حال ۽ پوري حقيقت ته هو اڳي ئي ڄاڻندو آهي.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو