ننڍپڻ جون رانديون
اڄڪله ٻار گھڻو ڪري ڪمپيوٽر تي رانديون کيڏن ٿا.منهنجي ننڍي وهي جي دور ۾ اڃا ڪمپيوٽر ايتري ترقي نه ڪئي هئي.ڳوٺ ۾ ورلي ڪجھ ٻارن ڏي وڊيو گيمس هونديون هيون.اسان جي وقت ۾ جيڪي رانديون کيڏيون وينديون،تن ۾ باقي لغڙ ۽ ڪرڪيٽ وڃي بچيا آهن.لغڙن ۾ به اڏارڻ ۽ ڪاٽا جا معيار به بدلجي ويا آهن.اڳي ڍيري يا ليلون جو استعمال ٿيندو هو، ڪي خفتي ڀڳل شيشي جي بوتلن کي چورو ڪري ان مان هٿ جو مانجھوٺاهيندا هئا.تڏهن لغڙ پڇ ٻڌي اڏارڻ جو رواج هو، ڇو ته اهو لغڙ اڏامڻ کانپوءِ آرام سان هوا ۾ اڏامندو رهندو آهي،گھتون به نه هڻندوآهي، تنهنڪري ڪي شوقين شام جو لغڙ اڏاري ان کي کٽ جي پاڳي، ڪنهن سر، يا ڪپڙن سڪائڻ جي رس سان ٻڌي،پاڻ رات جو سمهي رهندا هئا،۽ لغڙ خيريت سان اڏامندو رهندو هو.ڪاٽا ڪرڻ مهل زور لڳائي پاڻ ڏي ڇڪبو هو ته جيئن ته مخالف واري لغڙ کي ڇڪي، ٽوڙي پنهنجي لغڙن جو تعداد وڌائجي. تڏهن لغڙ ڪجھ جٽاءُ به ڪندا هئا،سستائي ته برابر هئي پرپئسي جي ايتري فراواني به نه هئي هاڻ ته پڇ واري لغڙ جو ته رواج ئي ختم ٿي ويو آهي.لغڙ لنڊا اڏاريا وڃن ٿا.هاڻي ٽٽو ته ڇٽو.هاڻي ڪاٽا لاءِ مانجھو ئي استعمال ٿئي ٿو، هاڻي لغڙ کٽيو نه پر ٽوڙيو ويندو آهي.
تنهن دور ۾ پرائمري ۾ هڪڙو بيت هوندو هو ”اچو ته لاٽونئڙو ڦيرايون“.لاٽو سان الاهي رانديون کيڏيون وينديون هيون. هڪڙي راند ۾ ڪچي پٽ تي گول ليڪو ڪڍي ان ۾ هڪڙا لاٽون رکبا هئا، ٻيا ڇوڪرا وري لاٽون وڄائي انهن لاٽن تي وار ڪندا هئا ،جيڪو لاٽون ٻاهر نڪري ايندو هو ،تنهن جو ڌڻي وري ساڳي طرح سان اندر پيل ٻين لاٽن تي وار ڪندو هو، قيد لاٽن وار ڇوڪرا وارڪندڙ جي هلندڙ لاٽون جي ڪند جي چوڌاري ڏور ويڙهي ان کي مٿي اڇل ڏيئي ان کي ڪيچ ڪندا هئا ته وري اهو لاٽون ليڪ جي قيد ۾ اچي ويندو هو، ٻئي هڪڙي راند کي پارسڏيو ويندو هو ان ۾ وري هارايل لاٽون کي گھچا(لاٽون جي ڪند سان نشان ٺاهڻ) هنيا ويندا هئا.ان کانسواءِ وري لاٽون پڄائڻ جا مقابلا به ٿيندا هئا. لاٽو پڄائڻ جي مقابلن جا وري نمونا به مختلف هوندا هئا.ڪي لاٽون پڄائڻ جا مقابلا ٿاله،ڪي تغاري،ته ڪي وري هٿ جي تري تي ڪيا ويندا هئا.لاٽون جي قد،بت،۽ بناوت کي ڏسي ان کي ان سان مطابقت رکندڙ شيءِ ۾ پڄائڻ لاءِ موزون سمجھيو ويندوهو.ٽڪرن ۾ سگھي لاٽون کي تغاري جي ميدان ۾ لاٿو ويندو هو،اسان جي دور جو تغاري جو مشهور لاٽون ”منجولي“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.ان لاٽون تي اهو نالو ان ڪري پيو جو پهرين دفعي جنهن ڇوڪري اهو لاٽون خريد ڪري ڳوٺ ۾ آندوهو، تنهنجو نالو منجولو هو.ان لاٽون جو رنگ هلڪو سائو هو.هڪدفعي هڪ گھري رنگ جي سائي لاٽون منجولي کي تغاري ۾ شڪست ڏني ته اهو وري ”منجولي جو استاد“ سڏجڻ لڳو.ٿاله ۾ پهرين نمبر تي جيڪو لاٽون هو تنهن کي وري ”مس لڳل“ سڏيو ويندو هو،ان جي هڪ پاسي هاريل مس جو نشان لڳل هو،ٿاله ۾ ٻئي لاٽون کان پري ٽڪ ٻڌيو بيٺو هوندو هو،بس خطرو صرف اهو هوندو هوس ته مقابلي وارو لاٽون رڳو اچي ٽڪر هڻي نه ڪيرائي ڇڏيس.تريءَ تي پڄائڻ ۾ وري پديون ڪامياب هونديون هيون.ننڍڙن لاٽن کي پديون سڏيوويندوهو.
ڪرڪيٽ وري اڪثر ڪري سخت بال سان کيڏي ويندي هئي،اهم مقابلن ۾ جيڪي ٻئي ڳوٺ جي ٽيمن سان کيڏيا ويندا هئا تن ۾ ته پيڊ ۽ گلوز وغيره جو استعمال ٿيندو هو،باقي پريڪٽس ۾ ته اهي حفاظتي هٿيار استعمال ڪونه ٿيندا هئا،جنهنڪري ڪڏهن ڪنهنجو مريو،گوڏو يا وري ڪنهنجي آڱري،يا ڀيڄي زخمي ٿيون پيون هونديون هيون (منهنجي هڪ اهم ڪرڪيٽ ميچ جو احوال هن بلاگ جي پوسٽ آخري وڪيٽ ۾ پڙهي سگھجي ٿو.).هاڻي ته ڪرڪيٽ ۾ ٽيپ ٽينس بال جو استعمال عام ٿي ويو آهي،اها هڪ سٺي ڳاله آهي،جوان ۾ خطرو گھٽ آهي.
بلورن سان وري گھٻي،آنٽي،۽ اڪي ٻڌي وغيره جھڙيون رانديون کيڏيون وينديون هيون.
ٻيون جيڪي رانديون ان وقت ۾ کيڏيون وينديون هيون سي هي آهن،سٽ ڪٽ، ستوليا،امپريس،ونجھوٽي،ڪوڏي ڪوڏي،هاڪي،انڊڪ منڊڪ،اٽي ڏڪر،لڪ لڪوٽي وغيره.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو