بس نمبر 1132
ٽنڊوالهيار شهر ۾ حيدرآباد ميرپورخاص بس اڏي تي پهتاسون ته هڪ بس اڏو ڇڏي تيزيءَ سان ميرپور خاص لاءِ روانو ٿي رهي هئي،ان جي پويان موٽر سائيڪل ڊوڙائي گاڏي جو نمبر ڏٺوسين ته اهو 1132 نه پر 1139 هو،پوئتي موٽي اچي سٽارٽر کان پڇيوسين ته 1132 نمبر واري بس ڪيڏي مهل ايندي، تازو هڪ ايندل بس ڏي اشارو ڪري چيائين ته ان بس کان پوءِ ايندي، پوءِ اطمينان سان ان بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، مون سان گڏ منهنجو ڀاڻيجو هو.ٻيون مختلف نمبر سيريز واريون بسون به اڏي تي پهتيون،ته ان ڳاله کي يقيني بنائڻ لاءِ ته ڪٿي اها بس ته اسان کان نڪري نه ويئي آهي،دوست طرفان ميسيج ۾ گاڏي نمبر سان گڏ موڪليل موبائل نمبر ڊائل ڪري همراه کان پڇيم ته ”ڪٿي پهتا آهيو.“،چيائين ته ” سول اسپتال وٽ پهتا آهيون. مون کي اها خبر نه هئي ته اهو نمبربس جي ڊرائيور،ڪنڊڪٽر يا ڪنهن مسافر جو آهي.جيئن ئي بس اڏي تي پهتي ته وري موبائل جو نمبر ڊائل ڪري،همراه کي ٻڌايم ته ”آئون هتي بس جي ڀر ۾ مسافرن جي له چڙه واري دروازي وٽ بيٺو آهيان“ چيائين ته ڊرائيور واري دروازي تي اچ“ اتي پهچي ڊرائيور کي چيم ته ”مون کي ڏي.“ ڊرائيور پڇيو ته ”ڇا آهي؟“ ٻڌايومانس ته هڪ لفافو آهي جنهن ۾ ڪجھ ڪاغذ آهن“ ڊرائيور مسڪرائيندي اهو لفافو منهنجي حوالي ڪيو.آڪٽوبر 2013 جي هڪ آچر تي مون کي ڪجھ ڪاغذن جي ضرورت پيئي،جيڪي حيدرآباد ۾ هڪ دوست ڏي هئا،کيس ٻپهرن کانپوءِ فون ڪري چيم ته اهي ڪاغذ مون کي اڄ کپن ٽي سي ايس ڪري موڪليو.ٽي سي ايس وارن کيس ٻڌايو ته اهو خط سڀاڻي موڪلينداسون اڄ اسان جي ٽپال وڃي چڪي آهي.
دوست کي چيم ته ٽيڪسي ۾ اچي توهان کان اهي ڪاغذ کڻي وڃان،راضي نه ٿيو،چوي ائين وري آئون ٿيڻ ڪيئن ڏيندس،پنڌ توهان کي ڇو ڪرائيندس، ڪيئن به ڪري مان توهان کي اهي ڪاغذ توهان جي ڳوٺ پهچائيندس.ڪنهن دوست جي گاڏي ملي ته ان ۾ نه ته پنهنجي ڀاءُ سان گڏ موٽرسائيڪل تي کڻي ايندس.مون کيس چيو ته ڳوٺ تائين پنڌ جي تڪليف نه ڪجو،ڀلا ٽنڊوالهيار مان ئي اهي ڪاغذ توهان کان کڻي وٺندس.پوءِ دوست ٻڌايو ته چينل تان ڪنهن بس ذريعي ٽنڊوالهيار ۾ اهي ڪاغذ موڪليان ٿو،توهان اتان کڻي وٺو.هڪ ميسيج ۾ لکيائين ته بس نمبر 1132،چينل تان نڪرڻ جو وقت شام جو پنجين وڳي،موبائل نمبر...........
ٿي سگھي ٿو ته منهنجي دوست جو اهو طريقه ڪار ڪنهن کي ڪيئن لڳي ته ڪنهن کي ڪيئن،پر مون کي ان دوست جي اها ادا ڏاڍي وڻي.ڪيئن نه ڪفايت شعاري کان ڪم ورتائين،مون کي اجائي پنڌ کان به بچائي ورتائين،ڪيئن نه وچولو رستو اختيار ڪيائين.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو