نر جو ڪم جلد ختم
سنه 2008 ع ۾ زندگي ۾ پهريون دفعو3 ايڪڙ ڪيلو پوکيم.2010 ع ۾ ڪيلي جو فصل مزو ڇڏي ويو.ان هڪ ايڪڙ مان هارين هٿ ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ ان کي وري سيري ڪري ورتم.فيبروري،مارچ ۾ ڪجھ موسم چڱو هوندو آهي،خاص گرمي نه هوندي آهي ته ڪيلي جي فصل جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ شروع ڪيم،وقت ملڻ تي فيلڊ تي وڃي به ڪم ڪيم.ڪيلي جي ٿڙ کي انگريزي ٻولي ۾ (pseudo stem) سڏين ڇو جو ٿڙ ته برابر آهي پر صفا نرم،اندر رڳو پاڻي ڀريل اٿس.ڪيلي جي ڇڳي جي هيٺ لڙڪندڙ شيءِ جو نالو ۽ ڪم ڪجھ ڪيلي جي مالهين کان پڇيم ته هوءَ ٻڌائي نه سگھيا،ڇو ته اهي پڙهيل نه هئا،پوءِ انٽرنيٽ تي ڪيلي جي باري ۾ پڙهيم ته خبر پيئي ته اهو ته نرگل آهي.ڦرين وارو ڪيلي جي ڇڳي جو حصو وري مادي گل آهي.ڪيلي جو ڇڳو ٿڙ مان ڦاٽي نڪرڻ کان پوءِ ٽن مهينن ۾ ڪٽائي لائق ٿيندو آهي.ان نر گل کي مادي گل يعني ڦرين واري حصي جي تيار ٿيڻ کان پهرين ئي بهتر هوندو آهي ته ڪٽي ڇڏجي ان سان ميوو جلدي تيار ٿيندو،ان ڪري جو نرگل اجائي خوراڪ به نه کائيندو ۽ ٿڙ تي اجايو بار به نه ٿيندو.سو نر جو ڪم جلد ئي ختم ٿيو وڃي، انسانن ۾ مرد ۽ ٻين جانورن ۾ وري نر جو ڪم به صرف ٻار ٿيڻ جي حد تائين آهي،پوءِ بائلاجيڪلي هن جو ڪم ختم ٿيو وڃي ساڳي طرح انسانن ۾ به مردن جي سراسري عمر عورتن کان گھٽ آهي. ائين ته ٻڌو هوندوسين ته ڪنهنجي ڄمڻ کان اڳي ئي سندس والد جو انتقال ٿي ويو هو پر اهو ڪڏهن به نه ٻڌوسين ته ڪنهنجي پيدائش کان اڳي ئي سندس والده جو انتقال ٿي ويو هجي،ها ائين برابر ٻڌوسين ته ڪنهنجي پيدائش جي وقت سندس والده انتقال ڪري ويئي.سو هن دنيا ۾ به مردن جو ڪردار سراسري طور عورت کان اڳ ئي ختم ٿيو وڃي.اهو صرف سراسري عمر يعني هن دنيا ۾ رهڻ واري عرصي جي ڪري ئي چئي سگھجي ٿو باقي هونئن با ثر هجڻ جي حساب سان ته انسانن ۾ هر طرح سان مرد جو اثر ئي غالب آهي.اهي نر گل پاڪستان ۾ ته نه کاڌا ويندا آهن،باقي هندوستان،ٿائيلنڊ ۽ ٻين ڪجھ ملڪن ۾ کاڌا ويندا آهن،انهن جون رسيپيون به نيٽ تي ڳوليندا ته هٿ اچي وينديون.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو