اڃا تائين به اڪثر هڪڙي ڳاله ٻڌندو رهندو آهيان ته گرمي ۾ ککر جوڏنگ ڇڻي ويندو آهي،سو ننڍپڻ ۾ اها ڳاله مون به ٻڌي هئي ۽ ان تي اعتبار به ڪري ويٺم،۽ پڪ ڪرڻ لاءِ ان تي تجربو ڪرڻ جو سوچيم.شديد گرمي جو موسم هو،دريءَ تي هڪ ککر ويٺل ڏٺم،مون کان ننڍڙن ٻارڙن اچي رڙيون ڪيون،آئون به صفا ڪو عقل جو اڪابر ٿي بيهي رهيس،کين ماٺ ڪرائي اها ئي ڳاله دهرايم ته ککر جو ڏنگ گرمي ۾ ڇڻيو وڃي،خاموش رهو ته ککر کي پڪڙي ڏيکاريان.
آهستي آهستي ويجهوٿي ساڄي هٿ جي شاهد آڱري ۽ آڱونٺي سان جو ککر۾ هٿ وڌم،پوءِ بس صرف هڪڙي رڙ بلند ٿي! سا منهنجي هئي،اهڙو چڪ زندگي ڀرنه ماکي يا ٻي ڪنهن جيت هنيو. ڀٽون جو چڪ ته شڪر آهي زندگي ڀر نه لڳو.
ککر جو به ڏوه ڪونه هو،مون ککرون ننڍي وهي ۾ ماريون به جام.ڇو جو وڏا سڀ ان ڳاله تي متفق هئا ته ککر مارڻ ڏوه ڪونهي.
ڪيڙي مارڻ کي ته اڃا به وڏي عمر وارا گناه ٻڌائيندا آهن،پر ڪيڙيون گهڻو تنگ ڪنديون آهن،ته پوءِ وهائي پاڻي،گھمائي ٻهارو ماري ڇڏيندا اٿن.
ککر ويچاري جو به ڪو ڏوه نه هو.يڪو خاندانن جو مون کان پلاند ورتائين.ڪاوڙ به ڪا ڏاڍي آيس،سوچيائين ته پهريائين رڳو ماريندو هو،هاڻي مورڳو جھلي ٿو اسين جهڙوڪر پالتو جانور هجون.
هاڻي ککرن سان دوستي ناهي ته دشمني به ناهي، گرمي ۾ جي گھر۾ پٺين اگھاڙو پيو ڦرندس ته ڪا ککر پيئي اڏامندي ته سوچيندس ته ڀڄي وڃي، ماري ڇا ڪريانس ڏنگ ڀلي هجيس پرڇتي ڪانهي ٿي جو هروڀرو چڪ هڻندي،پڪڙيانس آئون ڪونه ٿو.
باقي اهو تجربو آئون ڪري چڪو آهيان،مهرباني ڪري وري پڪ ڪرڻ لاءِ دهرائجوس نه.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو