بيڪٽيريا انسان مارڻ پويان لڳل.وائرس به گھٽ نه ٿو ڪري.هاڻي مڙئي وڃي ٽڪن تي ڪجھ ڪنٽرول ۾ مس آيوآهي.جھنگلي جانورن جو جڏهن به وس پهچي تڏهن ماريو ڇڏينس.انسان چاڪو،خنجر،تلوارون،تيرگھڻيئي ڪجھ ٺاهيس پنهنجي مارومار لاءِ.مطئن نه ٿيو،منجنيقون،بندوقون،ٽينڪون هانءُ نه ٺريس ماڻهوءَ ماري.بم،گولا،بمباري لاءِ جنگي جهازٺاهيائين.مارڻ جا هٿيار وڌائيندو ويوامن جي نالي ۾.هلي هلي ائٽم بم ٺاهي،تجربا ڪري،ٻه بم ڪيرائي ٻن ڌڪن ۾ چار لک ماڻهوءَ ماري وڌائين.ٻه عالمي جنگيون وڙهي ڪروڙين ماڻهوءَ ماري وڌائين.
تنهن هوندي به انسانن جي آبادي وڌنڌي رهي.1968ع ۾ هڪ همراه کي اچي وهم جاڳيو، انساني آبادي وڌنڌي وڃي،ان کي ڪنٽرول ڪريو،وسائل محدود آهن،کٽي پوندا ڏکيائي ٿي پوندي ڪتاب لکيائين آباديءَ جو بم The population Bomb.خير ماڻهوءَ مارڻ جو ڌنڌو جاري رهيو،وري جو پيدائش گھٽائڻ ۾ انسان لڳي ويو.تڏهن به انساني آبادي وڌنڌي وڃي،ان جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ لاءِ دوايون درمل،سرجريون اهي تحقيقون به گھڻيو ڪيون اٿن.
ڪوبه فصل جڏهن ٻني ۾ پوکبو ته ان سان گڏ گند گاه به ڦٽندا آهن،انهن کي وري ڪڍي فصل کي صاف ڪبو آهي ته جيئن فصل کي هوا،پاڻي،۽ ڀاڻ ملي ته جيئن اهو جلدي وڌي.انهن ۾ هڪڙو گندگاه آهي ڪل.خاص طور جي بصر جي فصل ۾ کرين جي اندر ڦٽندي آهي،ڏاڍو ڏکيو گند گاه آهي جيتري به گڏ ڪڍو فرق ئي نه ٿو پوي صبح جوڪٽيوس ته وري شام جو تيار.گندگاه به ڪارائتا آهن،بس پاڻهي ڦٽي ايندا،پر جيئن ته منصوبي سان پوکيل فصل جي واڌويجھ کي متاثر ڪندا آهن ته مجبورن انهن کي ڪڍڻو پوندو آهي.
انسان ته هن دنيا ۾ خاص فصل لڳايل آهي،پر حشر پنهنجو پاڻ سان اهڙو ڪيو اچي جھڙو ڪر گند گاه هجي.
آفريڪا ۾ بک ڏاڍي آهي.هڪ صحافي جي هڪڙي تصوير ڏاڍي مقبول ٿي.اها هڪ ڀيانڪ تصوير هئي،هن ان وقت اها تصوير ڪڍي،جنهن وقت هڪ ڪمزور آفريڪي ٻار بک وگھي مرڻ تي هو،هڪ ڳجھ ان جي موت جي انتظار ۾ هن جي ڀر ۾ بيٺل هئي.اها تصوير دنيا ۾ تمام گھڻي ڏٺي ويئي،ان تي تبصرا به ٿيندا رهيا.اهو صحافي ان تصوير جو بوجھ دل ۽ دماغ تي کڻي نه سگھيو ۽ نيٺ ڪار۾ پنهنجو پاڻ کي بند ڪري دونهون ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيائين.
هن وقت دنيا ۾ وسائل جي بلڪل کوٽ نه آهي،تڏهن به دنيا ۾ سڀ انسان روزانو ماني کائي ڪونه ٿا سمهن.بکيا ٿا رهن.وسائل سان ڀرپور کنڊ آفريڪا ۾ ته بک تمام گھڻي آهي.
مال تان جھيڙو آهي،سهوليات سان جھيڙو آهي.انسان جي گڏجي به استعمال ڪن ته کوٽ نه ايندي.انسان جي دل صفا سوڙي آهي،هيڏي ساري لامحدود ڪائنات جا راز پروڙڻ ۾ لڳو پيو آهي پر سماجي انصاف ۽ مساوات جي ڳاله ٺپ سمجھ ۾ نه ٿي اچيس.سرمائيداري نظام جديد غلامي کي جنم ڏيو بيٺو آهي.
هاڻي ڪيترا به پيسا هجڻ،ڪروڙين رپيا به هڪ ڏينهن ۾ کپائي سگھجن ٿا،گھڻيئي ٺڪر،ڀتر،مهانگي کان مهانگيون گاڏيون،ڪيترن شين جا نالا وٺي ڪيترين شين جا نالا وٺجن.
وري جي پيسو لڪائڻ تي اچجي ته بينڪون اهڙيون کڏون آهن جو مال صفا پورجيو وڃي.ڪنجوس ڌڻي وري سڄي عمر ڪم نه آڻيندس.
منهنجي هڪڙي اسپيشل ڀيڻ مون کان ٻه سال عمر ۾ وڏي هوندي.خرچي رکڻ نه ايندي اٿس.پيسا جيستائين کپائي نه تيستائين سک نه ايندو اٿس..بيچين رهندي آهي پوءِ گھر وارن جي،ڀينرن ،مائٽن جي به دعوت ڪري پيسا ختم ڪري پوءِ سک سان ويهندي آهي.تنهنڪري آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن دنيا ۾ بينڪون نه هجن،ڪارخانا اجاين شين جا به جي محدود هجن ۽ سڀ انسان جي ان مون واري ڀيڻ وانگر هجن ته دنيا ۾ بک بلڪل ختم ٿي وڃي ۽ انسانن جي لاءِ مالي مسئلو بلڪل نه رهي.بلڪ ائين جيئن حضرت عمر بن عبد العزيز جي دور ۾ ڪو ماڻهوءَ اهڙو مشڪل سان هٿ ايندو هو جنهن کي زڪوات ڏجي.باقي خليفو ته دنيا جو غريب ترين ماڻهو هو،جنهن وٽ هڪ عيد تي ٻارن جي ڪپڙن لاءِ پيسا نه هئا.
سالن کان ٽي عالمي جنگ جون ڳالهيون پيون هلن.انسان هٿيار وري اهڙا ٺاهيندو پيو وڃي جو چون ٿا ته ٻي عالمي جنگ وارا ائٽم بم ته ان جي اڳيان رانديڪا آهن.
انسان کي ان ڳاله تي ضرور سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته هو اصل فصل آهي يا گند گاه.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو