Pages

Monday, July 18, 2016

جنن جي کٽ

زوردار ڌماڪي سان ڪمري جو دروازو بند ٿي ويو.لوه جو هڪ تاڪ وارو در هو،ٻاهريان کڙڪي اچي ويس.ڇرڪ ڀري ويس،کٽ تان اٿي دروازي کي ڇڪي پڪ ڪيم ته دروازو بند ٿي چڪوهو.
پنهنجي اوطاق جي واحد ڪمري ۾ مطالعي کانپوءِ ٿوري دير لاءِ ليٽي پيوهوس،ڪير مون کي قيد ڪري ويو؟
ڪنهن دروازو بند ڪيو هوندو،شرارتي ٻارن،ڪنهن دوست يا ماڳهين ڪنهن جن؟
ڪنهن جن بند ڪيو هوندو ته پوءِ منهنجا ڍءُ ٿي ويندا کولي آستانو بابا ٿي ويهي رهندس.عاملن جي اڄڪله وڏي ڪمائي آهي.
مون جنهن ماحول ۾ اک کولي هئي ڊاڪٽرڪاشي رام جا هوميوپيٿي جا ڪتاب هروقت کٽن تي پيا هوندا هئا،جن کي تفصيل سان پڙهيم،ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هوميوپيٿي کي هڪ علاج جي طريقي طور مڃان ئي ڪونه.
علم رمل،علم نجوم،علم جعفر،علم الساعات،علم الاعداد،پامسٽري تي بابا سائين جا ڪتاب پيل هوندا هئا،منهنجي محترم چاچن کي به انهن علمن جو شوق هو.علم الجعفر ته سمجھ ۾ نه آيم،باقي ٻين علمن جو مطالعو ڪجھ نه ڪجھ ڪيم.علم رمل تي زائچو ڪڍڻ به سکيل هوم.هڪدفعي هڪ عورت جو ڪڪڙ وڃائجي ويو،مون کان زائچو ڪڍائي ويئي،مون کي ياد ناهي ته ڇا ٻڌايو هومانس،پر ڏاڍي مطمئن ۽ خوش ٿي اچي ٻڌايائين ته تو واري ڳاله صحيح ٿي.مون به کيس چٽو ٻڌايو ته مڙيئي ڌڪو هنيم سو لڳي ويو.تن ڏينهن ۾ ٻارن جا نالا به علم الاعداد مطابق رکندا هئاسين.
جن جي بند ڪيل دروازي واري يقين جي صورت ۾ ٻيو اهو به نتيجو نڪري سگھيو ٿي ته ڊڄي وڃان ۽ وري ڪي جن ڪڍائڻ وارا همراه وٺي اچان ته پوءِ ان صورت ۾ وري پيو ٺڳجان.
ان ساڳي اوطاق واري هڪ ڪمري کانسواءِ بائونڊري وال تي تن ڏينهن ۾ هڪ ڪاٺ جو پراڻودروازو لڳل هو.ڪجھ سال پهرين اتي هڪڙو وڏو ٻاهريون گيٽ لڳرايم.ان ڪمري کي ته هاڻي استعمال ئي ڀانڊي طور ڪريان.
حيسڪو وارن وڏي گيٽ کي ڏسي بند جاءِ جو هڪ مهيني جو بل وڃي پنجاه هزار ڪڍيو.پوءِ ڊوڙڊڪ ڪيم ايس ڊي او صاحب به تن ڏينهن ۾ چڱو ماڻهو هو،تنهن جي ڪوشش سان اهو بل صحيح ٿي مليو.پر سائين جن جي بدلي ٿي ته ٻئي همراه اچي وري ٺڪاءُ ڪرايس،هاڻي جڏهن وقت مليو بل پيو صحيح ڪرائيندس.ليٽر به جمع ڪرائي آيس ته بابا مون کي ان هڪ ڪمري لاءِ بجلي ڪونه ٿي کپي ميٽر لاهي کڻي وڃو ۽ بل صحيح ڪري ڏيو. ميٽر به نه ٿا ڪٽين.
ان بل جي وڌيڪ اچڻ تي هڪ ڳوٺاڻي تبصرو ڪيو ته تنهنجي غيرموجود گي ۾ ان تو واري اوطاق ۾ ڪن ماڻهن ڪنهن تي ڪاري علم مطابق عمل ڪيو آهي ۽ ڪجھ شيون پوريون آهن، ان جا خطرناڪ اثرات تو واري بجلي واري ميٽر تي وڃي ڪريا آهن.جيستائين اها نحوست ختم نه ٿيندي تووارو اهو بجلي جو بل صحيح نه ٿيندو.کيس چيم ته اهو به چڱو نحوست ميٽر تي ڪري آئون ته بچي ويس.
بهرحال درڪنهن بند ڪيو اها ڳجھارت پوءِ حل ڪرڻي هئي پهريون مسئلو اهو هو ته ڪمري مان ڪيئن ٻاهر نڪران.ڪمري جون لوهي دريون کولي ٻاهرين گيٽ ڏانهن ڏسڻ لڳس ته ڪو پاڙي وارو هتان گذري کيس در کولڻ جي منٿ ڪريان.مس مس هڪ پاڙي وارو گذريو،تنهن کي سڏڪري دروازو کولائي ٻاهرنڪتس.
وري به سوال اهو رهيو ته اهو دروازو ڪنهن بند ڪيو؟
اهو دروازو زوردار هوا لڳڻ سان اچي چوڪ ۾ ٽڪريو ۽ ٽڪر جي ڪري کڙڪي بند ٿي ويس.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو