Pages

Thursday, July 14, 2016

سمندر ويو سمنڊ ۾

ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين.ان وقت اسان جي ڳوٺ ٽنڊوسومرو ۾ برانچ مڊل اسڪول هو جن ۾ صرف ڇهون ۽ ستون ڪلاس پڙهايو ويندوهو.اٺين ڪلاس پڙهڻ لاءِ ٽنڊو الهيار وڃڻو پوندو هو.
ڇهين ۽ ستين درجي جا سڀئي مضمون اڪيلو استاد محترم سائين محمد قاسم شيخ صاحب پڙهائيندا هئا.هن وقت سائين رٽائرآهن ۽ کين گوڏن جي تڪليف آهي،صحت به ٺيڪ نه اٿن ۽ وڏي عمرجي ڪري گھر کان ٻاهر ڪونه ٿا نڪري سگھن.الله سائين کين صحت نصيب ڪري.
ڪٿي اهو دور جڏهن هڪ استاد مڊل ليول جا سڀئي مضمون اڪيلو پڙهائيندا هئا،ڪٿي هينئرجو دور جو استادن ۾ مضمونن پڙهائڻ ۽ پيريڊن تي ڇڪتاڻ اڪثر اسڪولن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
هڪ ڏينهن ڊي او سيڪنڊري آفيس جي بلاڪ ۾ آفيس سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ ويٺو هجان.هڪ هيڊماسترياڻي صاحبه اچي ڊي او صاحب جي باري ۾ پڇيو.سپرنٽنڊنٽ صاحب کيس ٻڌايو ته سائين جن آفيس ۾ موجود نه آهن،ميٽنگ لاءِ ويل آهن،ڪو ڪم هجي ته ٻڌايو.
هيڊماسترياڻي صاحبه هڪ ٿڌو شوڪاريو ڀريو ۽ چوڻ لڳي ڇا ٻڌايان.ڇهين درجي جي انگريزي پڙهائڻ لاءِ ڪا به ٽيچر راضي نه ٿي ٿئي.عربي واري استاد چوي ٿي ته هفتي ۾ صرف عربي جا ٽي پيريڊ وٺندس،باقي ڪو به مضمون نه پڙهائيندس.
سپرنٽنڊنٽ صاحب کيس عرض ڪيو ته آپا اهوتوهان جي اسڪول جو اندروني معاملو آهي ان کي توهان پاڻ حل ڪريو.
سائين محترم جا ڪم ته ڏسو اڪيلو ٻه درجا گڏ پڙهائيندو هو پر امتحانن جي ويجهي وارن ڏينهن ۾ سج لٿي کانپوءِ اسڪول کولائي،امتحان جي تياري لاءِ هڪ ڪمري ۾ ويهاري حڪم ڪندو هو ته هاڻي ويهي پڙهو ۽ سوال جواب ياد ڪريو.
تن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ هڪ ئي سرڪاري ٽي وي چينل پي ٽي وي هو.اهو پاڪستاني اردو ڊرامن جي عروج جو دورهو.هرهفتي هڪ قسط ايندي هئي،ان وقت جا مشهور ڊراما سمندر،ايمرجنسي وارڊ،تنهائيان وغيره هئا.سڄو ڏينهن ٽي وي به نه هلندي هئي.پرمخصوص وقت لاءِ هلندي هئي ۽ پرائم ٽائم تي اهي ڊراما ڏيکاريندا هئا.انهن سڀني ڊرامن ۾ مون کي سمندرڊرامو جيڪو امجد اسلام امجد جو لکيل هو سو ڏاڍو وڻندو هو.عابد علي،وسيم عباس،۽ عارفه صديقي جي شاندار اداڪاري به ان ۾ هئي ته سسپينس به ڏاڍو هوس.اهو انتظار هوندو هو ته هڪمراه نالو وسري ويو اٿم ان کي ڪير پيو بليڪ ميل ڪري ۽ ڊيڄاري.
اهو ڳوٺ ۾ عمومي طور تي گريبي جو دور هو هر گھر ۾ ٽي وي نه هوندو هو،آئون به پاڙي جي هڪ گھر ۾ ٽي وي ڏسڻ ويندو هوس.ان تي انتظار ۾ سڄو هفتو انتظار ڪندا هئاسين ۽ دوست پنهنجا پنهنجا رايا ڏيندا هئا ته هاڻي هينئن ٿيندو يا هونئن ٿيندو.وسيم عباس غريب هو،عابد علي جي آفرڏسي،شيخ چلي وانگر اهي سپنا به ڏسندا هئاسين ته ڇا ائين ڪي آفرون اسان کي به ٿي سگھن ٿيون يا ڪٿي مورڳو عابد علي هن کي استعمال ته نه ڪندو.
بهرحال اهي خواب،اندازا،تبصرا انتظار،سسپنس سڀ جا سڀ چڪناچور ٿي ويا.امتحان اچي مٿي تي پهتا محترم استاد صاحب پرائم ٽائم ۾ اسان کي امتحان جي تياري لاءِ اسڪول ۾ گھرائي ورتو.مطلب ته سمندر ويو سمنڊ ۾.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو