اڄ سرڪاري ڪم سانگي هڪ دوست سان گڏجي موٽرسائيڪل تي چڙهي ٽنڊو الهيار جي هڪ بينڪ ويس،فارملٽيز پوريون ڪيم،ڪو گھربل ڪاغذ وري واپس اچي ڳوٺ کڻڻو پيو.ڪم کي پوري ڪرڻ جي ڌن ۾ ٻنپهرن جي ماني به نه کاڌيسين،ڳوٺ واپس ايندي هڪ ريڙهي واري وٽ بيٺاسين.ريڙهي تي رڳو ڀاڄي رکيل هجي.مون کي ته بک جي ڪري صفا مٿي ۾ سور پوڻ وارو هو،دوست کان پڇيم ته گھڻيون پتائي گجرون وٺون ؟ گس تي کائيندا هلون.”مون کي ايتري گھڻي بک ناهي،آئون ڪونه ٿو کاوان،توهان کي جيڪي کپن سي وٺو.“ دوست جواب ڏنو.مون به هڪڙي گجرهٿ ۾ کڻي ريڙهي واري کان پڇيو ته گھڻا پيسا ٿيندا؟ جيئن ته ريڙهي وارو اسان جي گفتگو ٻڌي چڪو هو،ريڙهي واري چيو ته پيسا ڪونه ٿو وٺان.مون کانئس پڇيو آخر ڇو؟ جواب ڏنائين ته صرف هڪ گجر کائڻ لاءِ ٿا وٺو،ان جا پيسا نه وٺندم.دوست چيو ته ٻي گجر به کڻ،سا کڻي وري پيسا پڇيامانس، ساڳيو جواب ته پيسا نه وٺندم.ڪيتريون به گجرون کڻو؟ آخر ڇو مون هن کان سوال ڪيو؟ ان ڪري جو سخت بک ۾ ،ڪم جي تڪڙ ۾ هي پيا وٺو.نه ته فروٽ کايوها،هوٽل تي ماني کائوها.سخت بک جي مجبوري ۾ کاڌي جا پيسا نه وٺبا آهن. خير هڪ گجر کڻي بنا پيسا ڏيڻ جي روانو ٿي وياسون.هن جي اميري ۽ پنهنجي غريبي ڏسي حيران ٿي ويس.ان سڄي واقعي دوران مون کي هن جي چهري تي حرص جا آثار نظر نه آيا.
واپس شهر اچي ڪم ڪار لاهي علاوالدين مٺائي واري جي دڪان تي پڪوڙا کاڌاسين.پڪوڙا کائيندي ڪنهن سوالي سوال ڪيو ته بک لڳي اٿم سنبوسا وٺي ڏيو.
ٻه سنبوسا هن کي وٺي ڏنم،مون ڪنجوس به حاتم طائي جي قبرکي لت هنئي.ڪن ۾ رڳو ريڙهي واري جا لفظ پئي گونجيم.ان وقت مون کي اهي سڀ فلاسافيون وسري ويون ته هي پينو فقير آهن،پروفيشنل آهن،هنن کي ڪجھ ڏيڻ سان پن جو ڌنڌو وڌندو ان جي حوصله شڪني ڪرڻ کپي.
مون کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو اها ڳاله سمجھ ۾ آئي ته سخت بک ۾ ڪنهن کي به کاڌو منع نه ڪرڻ گھرجي.مون کي وڏڙن جا اهي لفظ به سمجھ ۾ اچڻ لڳا ته ”ماني الله جي آهي.“
مون کي ان ڳاله جي اهميت به زندگي ۾ پهريون ڀيرو سمجھ ۾ آئي ته منهنجي والده محترمه گھر آيل ڪنهن به بکي سوالي کي ڪجھ نه ڪجھ ضرور کارائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.هر ڪنهن کاڌي جي سوالي جي تمام گھڻي اون ڪندي آهي ۽ ساڻس مسڪرائي ڳالهائيندي آهي ۽ هن جي عزت نفس ڪڏهن به مجروح نه ڪندي آهي.
واپسي مهل لهندي سج تي نظر ڪيم،جنهنجي روشني مدهم ٿي چڪي هئي ۽ ماني جي لولي وانگر سڄو نظر اچي رهيوهو.آڱرن جي ٽانڊي وانگر نظر اچي رهيو هو،جنهن جي روشني ۾ ايتري شدت نه هئي.لهندي لهندي مون کي چئي ويو،دنيا ۾ انسانيت اڃا آهي ڇو ٿا جلدي مايوس ٿيو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو