هڪ گھر جا فرد پاڻ ۾ وڙهيا پيا هوندا.پاڙي يا مائٽن مان ڪير اچي هنن سان وڙهيو ته گھر جا ماڻهوءَ پاڻ ۾ کيرکنڊ ٿي ويندا،انهن سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندا.ڳوٺائي يا هڪڙي برادري يا ذات جا ماڻهوءَ ٺڪر ڀتر سان وڙهيا پيا هوندا،ٻي ڪنهن ڳوٺ يا ذات سان جھيڙو ڪندا ته وري هڪٻئي سان ويجھڙائي اختيار ڪندا،قرب ڪرڻ لڳندا.فرقن،مسلڪن،مذهبن ۾ به انسان جو رويو ساڳيون آهي.
جاگرافي طور،ترقياتي ڪمن جي لاءِ فنڊن جي استعمال ۾ به يوسي،تعلقي،ضلعي،صوبي ۽ ملڪي سطح تي به ساڳيون حال آهي.
مطب ته انسان کي هر دوستي لاءِ هڪ دشمني کپي.انسانن جو هڪٻئي سان موجوده رويو اهو ٻڌائي ٿو ته دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي وڃڻ جي باوجود انسان تيستائين عالمي سطح تي محبت سان نه رهندا،جيستائين کين ڪا ڌرتي کان ٻاهرواري مخلوق (alien) جھڙو ڪو دشمن ملي،جنهن کي ڳولڻ ۾ لڳا پيا آهن.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو