هڪڙي ڳاله ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مڇر به دليرمخلوق آهن.شينهن ڀلي جهنگ جو بادشاه هجي،پر هي ته انسان جي گھرن جا بادشاه لڳا پيا آهن.نه ڪوڊپ،نه ڪو خوف.هر وقت انسان جي پويان لڳل کيسن کي ته هٿ به نه لائينس.هڪ رت چوسينس،ٻيون ڪنن ۾ ڀون ڀون ڪنس.
گھڻيئي دوايون،اسپري لڳين ٿا،پر انسانن جي ته جندئي نه ٿا ڇڏين.هڪڙو مشهور فلمي ڊائلاگ آهي ته ”گھر ۾ گھس ڪي مارون گا“ تي جا پورا پورا عامل آهن.مرڻ کان ته ڊڄن ئي نه ٿا.شاه عبدالطيف ڀٽائي صاحب پتنگن تي ته شعر لکيا باقي مڇرن تي نه.
پتنگن په ڪيو مڙيا مٿي مچ،مڇرن په ڪيومڙيا مٿي ماڻهوءَ.
مڇرنمرود جي ڪن ۾ گھڙي،ان کي پادرن هٿان مارائي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري چڪو آهي.
مون کي ٿي مڇر جي ڳاله ڪرڻي،باقي انگ اکر ڳولي ڏسجو ته ڪيترين زندگين جا ڏيئا هرسال اجھائي ٿو.
هينئر ڦريو بيٺا هئا،جان ئي نه ڇڏين،نيٺ چار ماريم،هاڻي ويجھوئي ڪونه ٿا اچن،خبر ناهي لڪي لڪي ڪٿي هي مضمون ته نه پيا پڙهن.اعتبار هنن ته ڪوبه ناهي ته رات جو سڀ ڪسرون ڪڍن.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو