جيئن
ئي مين گيٽ کي ٽپي،لائبريري جي بلڊنگ اندر داخل ٿيس،ته ڪنن تي هڪ رعبدار آواز پيم،“هتي
ڇو آيو آهين؟ نظر ڪير نه آيم.جواب ڏنم ته ظاهر آهي،لائبرري آهي،ڪتاب پڙهڻ ۽ ڏسڻ
آيو آهيان،ٽنڊو الهيار جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهيان،اڪثر هتي ڪم سانگي ايندو
رهندو آهيان.اڄ هڪ آفيس ۾ ڪم هئم،آفيسر صاحب جيسين اچي،تيستائين مون سوچيو ته وقت
کي ڪيئن فائدمند بڻايان،تنهنڪري سوچيم ته ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر آهي،هتي ڪا وڏي سٺي
لائبري ته ضرور هوندي صرف هڪڙي لائبرري وتايو فقير جو نالو ٻڌو هئم،سو هتي آيو
آهيان.تنهنڪري هتي آيو آهيان پر تون ڪير آهين ۽ ايڏو ڪاوڙيو ڇو ويٺو آهين؟ ” آئون
وتايو فقير جو روح آهيان،توهان مون کي هتي قيد ڪري ڇڏيو آهي.هلي هلي منهنجهو نالو
هڪ اهڙي جڳه تي رکيو اٿو،جتي اچي ڪير ڪونه .ڪي ٿورا ماڻهوءَ اخبار پڙهڻ لاءِ برابر
هتي ايندا آهن،پنج اخبارون هتي اينديون آهن،ٻيو هتي مڙيئي خير اٿئي،چار هڪڙيون
ننڍڙيون الماريون آهن،جن ۾ ايترا به ڪتاب ناهن جيترا تنهنجي لائبريري ۾
آهن.تنهنڪري مهرباني ڪري هن جو نالو اخباري لائبريري رکو،منهنجو نالو هن لائبريري
تان لاهي منهنجي روح کي آزادي ڏيو.” “منهنجي ته ڪا به حيثيت نه آهي،اسان جي پنهجي
ڳوٺ ۾ لائبريري نه ٿي هلي،فنڊ به جام آهن،پر رضاڪارانه طور ڪم وارا ماڻهوءَ ئي نه
ٿا ملن،جو لائبريري کي هلائي سگھجي.هونئن به اڄ ڪله ايتريون ته نيون نيون شيون اچي
ويون آهن،ڪمپيوٽر،فلمون،موبائلون سڀڪو انهن شين ۾ لڳو پيو آهي.ڪتاب پڙهڻ وارا
ماڻهوءَ ئي گھٽجي ويا آهن.” جواب ڏنومانس.”ائين
ڪونهي چريو کريو آهيان،پر سمجھان سڀ ڪجھ ٿو،سڄي دنيا ۾ لائبريريون آهن،ماڻهوءَ
ڪتاب پڙهڻ ۾ لڳا پيا آهن.اها به خبر اٿم توهان وٽ پبلشرن جو سڄو زور صرف حل ٿيل
پيپرن ۽ اخبارن ڇپڻ تي آهي، ٻيو مڙيئي خير آهي.تنهنجي حال جي به خبر اٿم،هڪڙو ڪتاب
لکيئي،پبلشر ڊوڙائي ڊوڙائي صرف آسرا ڏيندو رهيو،پوءِ تو کي به چيائين ته پيپر حل
ڪري ڏي ته هڪ تنهنجي نالي وارا حل ٿيل پيپر مارڪيٽ ۾ آڻيان.تو اجورو جو پڇيو ته
توکي چيائين ته مڙيئي چانه پيئڻ جيترا پيسا ڏيندوسانءِ.“ائين چئي وتايو فقير وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي
چوڻ لڳو”سڌرو نه سڌرو پر منهجي رڳو هتان جان ڇڏايوآزادي مليم، ته وڃي آرام سان قبر
۾ سمهان،مون فقير وانگر هن دروديوار کي لائبريري ڪوٺي،منهنجي روح کي هتي قيد ڪريو
ويٺا آهيو.ڇڏيو ته وڃي آرام سان قبر ۾ سمهان.“
“ٻڌو
اٿم ته ويه لک هن لائبريري لاءِ مليا آهن.” کيس ٻڌايم .“.توهين پئسا ماني جي بدران کايو
وڃو،اهي ويه لک رپيا خدا ڪري ڪو هتي خرچ ٿين.پر اهي به صفا ٿورا آهن،بلڊنگ صفا
سوڙهي لڳي پئي آهي،هڪڙي وڏي زبردست بلڊنگ ٺهرايو،جنهن تي گھٽ ۾ گھٽ ۾ ويه ڪروڙ
رپيا خرچ ڪريو.ياد ڪر هڪ هفتو پهرين ويهين صدي جي ٻاويهن نمبر وڏي نفسياتي
ماهر Jerome Kagan جو هڪ ڪتاب اسلام آباد جي سعيد بڪ اسٽور تان گھرايئي ٿي.قيمت
ٻڌي ٺري پئين،هڪ ڪتاب 27000 رپيا.پوءِ وري نيٺ هڪ ويبسائيٽ سستي ڳولي ٻن ڪتابن جو
آرڊر بڪ ڪرايئي سي به ساڍا يارهن هزار جا .سو ماٺڙي ڪري ٽنڊو الهيار ۾ هڪ سٺي
لائبريري ٺاهيو،ڪروڙين رپيا خرچ ڪريو.جتي گل هوندا ته ماکي جون مکيون پاڻهي اچي
اتي لهنديون.پوءِ ڀلا ان لائبريري تي ”وتايو
فقير” نه ته “کٽايو فقير” ئي نالو رکجو.ڇو جو علم جي روشنيءَ سان فقيري مان ته جان
ڇڏايو.هڪ عام غريب ماڻهوءَ کان وٺي حاڪمن تائين سڀ جا سڀ فقير(پينو) ته آهيو.جيڪي
اميريون آهن سي به اڪثر ڪري رڳو پرايا حق کايو يا ٻيون حرام جون ڪمايون اٿو.يا ته
اهڙي ڀلي لائبريري ڪري پوءِ نالو رکوس،ڀڄايو فقير.مطلب ته لائبريري هاڻ اهڙي آباد
ڪري ڇڏي اٿئون،جو هاڻي وتايي کي هتان ڀڄائي ڪڍيو اٿئون.” هن پنهنجي مخصوص انداز ۾
نصيحت ڪئي.





No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو