اسڪول سان منهنجو تعلق تمام پراڻو آهي،ذري گھٽ منهنجي عمر جي برابر.ڄمڻ جي صرف پنجين سال ته اسڪول ڇڏيو ويس.پهريان پنج سال پرائمري وارا ان آسري تي گذارياسين ته نيٺ هاءِ اسڪول ويندس.ننڍي وهي ۾ وقت گذرڻ جي اسپيڊ تمام گھٽ لڳندي آهي.سو اهي پنج سال ڏاڍا آهستي گذريا.
هاءِ اسڪول جي باري ۾ ڪجھ سٺو تاثر ٻڌوسين ته اتي مسلسل هڪ استاد سڄو ڏينهن نه پڙهائيندو،پر پيريڊ سسٽم هوندو،پر اسڪول وري به اسڪول.وري به اها اميد ته ڪاليج ۾ وينداسون ته اسڪول مان جان ڇٽندي.ٻه مهينا وچ ۾ موڪل ملندي.تڏهن موڪل جو تصور وڏي عياشي هوندي هئي،ڇوجو روز اسڪول وڃڻو پوندو هو.مون کي استادن جي سدائين شفقت حاصل رهي،جوڪلاس جي ٽاپ ٿري سٺن شاگردن ۾ منهنجو نالو هوندوهو.پرحقيقت اها آهي ته اسڪول ۽ ڪاليج کي بارمحسوس ڪيم.هاڻي ته حالت اها آهي ٻه اڍائي سالن جي ٻارن کي به اسڪول جو گس ڏيکاريو پيو وڃي.ان لحاظ کان ٻارن لاءِ بهترين ملڪ صرف فنلينڊ آهي،جتي پهرين ڪلاس ۾ داخلا جي عمر 7 سال آهي.دنيا جي بهترين تعليمي نظامن مان هڪ آهي.دنيا جي هرٽئين سال ٿيندڙامتحاني مقابلي ۾ مسلسل چار دفعا، 2000،2003،2006،2009، عيسوي ۾ پهريون نمبر آيو.جڏهن ته 2012ع ۽ 2015 ع ۾ ٻيو ۽ ڇهون نمبر آيو،انهن سالن ۾ جپان ۽ سنگاپورپهرين نمبر تي آيا.
بهرحال جيئن تيئن ڪري يونيورسٽي تائين پهچي ويس.زرعي يونيورسٽي ۾ فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن ۾ پهريون ٽرم پاس مس ڪيم ته وري اچي پرائمري اسڪول ۾ ڦهڪو ڪيم،هڪ استاد جي حيثيت سان.هڪڙو انٽرويو ڏيئي آيوهوس،پرائمري اسڪول ٽيچر لاءِ،ڀوڳن ڀوڳن ۾،نوڪري جو ڪوبه ارادو نه هو،تعليم مڪمل ڪرڻي هئي.انٽرويو ته سٺو ٿي ويو،سفارش نوڪري لاءِ نه ڪرائي هئم، سو نوڪري جو آسرو به نه هو،ها باقي انٽرويو وٺڻ واري محترم سائين قاضي محمد خان صاحب کان پڇيوهئم ته ڇا مون کي نوڪري ملندي،ته سائين جن جواب ڏنو هو ته رک الله تي.
پرائمري اسڪول ٽيچر جو آرڊر ٽپال ذريعي مليو.مالي حالت جي ڪري نوڪري جوائن ڪيم.انٽرميڊيٽ کانپوءِ باقي تعليم پرائيويٽ حاصل ڪرڻ شروع ڪيم.
هڪڙي ڪمري ۾ پنج ڪلاس 50،60 ٻار.گوڙ شور مطلب ته وري پرائمري مان نڪرڻ لاءِ هٿورڙا هڻڻ شروع ڪيم.11 سال وري پرائمري اسڪول مان نه نڪري سگھيس،پوءِ نيٺ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيس،هڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ پهتس.ساڳئي سال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي هائرسيڪنڊري اسڪول ۾ سبجيڪٽ سپيشلسٽ جي پوسٽ تي پهتس.مطلب ته آئون ۽ اسڪول گڏوگڏ.پهرين پوسٽنگ پري حيدرآباد ٿي،جيڪو منهنجي ڳوٺ ٽنڊوسومرو کان ڪافي پري آهي،هڪطرفو پنج سواريون مٽائي اسڪول پهچندوهوس.نيٺ ڳوٺ جي گرلس هاءِ اسڪول ۾ هيڊماسترٿي،گھر ويجھو ٿيس.
هن سيٽ تي ويهڻ کانپوءِ خبر پيئي ته اسڪول ۾ ڪلارڪ،آفيس سپرنٽنڊنٽ اڪائونٽ آفيسر،اسسٽنٽ،سينيئرڪلارڪ،جونيئرڪلارڪ جي ڪنهن اسڪول ۾ نه هجن ته انهن وارا سڀ ڪم هيڊ ماستر صاحب کي پاڻ ڪرڻا پوندا،جو اڪثر اسڪولن ۾ اهي پوسٽون ئي نه آهن.
هاڻي ڪجھ مهينن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيڻ وارو آهيان،مطلب ته وري هائرسيڪنڊري اسڪول ۾،سو به الله ڪري ڳوٺ کي ويجھو هجي.
مطلب ته اسڪول سان منهنجو ساٿ،ذري گھٽ منهنجي عمر جي برابر آهي،صرف پنج سالن جو فرق آهي.
اميد آهي ته نئون ساٿ ڪجھ خوشگوارٿئي.

سائين جن تمام محنتي استاد آھن. پاڻ بيماري سان مقابلو ڪندي پنهنجي ڊيوٽي سٺي انداز ۾ نڀائن پيا.
ReplyDelete