تقدير ۽ تدبير
ڪنهن به انسان جي هن دنيا ۾زندگيءَ، ماءُ جي پيٽ جي اندر ٺهڻ جي شروعات کان وٺي موت تائين تقديري آهي.تقدير ۽ تدبير جو مونجھارو صرف انسان جي ذهن جي پيداوار آهي.انسان جي اندر ڪوشش جي ته چاٻي ڀريل آهي.انسان جي پيدائش جن والدين وٽ،جنهن خاندان ۽،جنهن قوم يا ذات ۾ ٿيندي آهي سا تقديري هوندي آهي.انسان جي پيدا ئش جنهن رنگ نسل ۽ ملڪ ۾ ٿيندي آهي سا تقديري آهي. انسان بيماريون،صحت ۽ صلاحيتون ،ڪمزوريون سڀ پنهنجي والدين کان وراثتي طور حاصل ڪري ٿو.پيدائشي مالي حالت ۽ شروعاتي زندگي جي تربيت به انسان لاءِ تقديري آهي.انسان جي جسم جو صرف هڪ تنتي نظام جو حصو وس ڪار آهي.باقي ته سڄو جسم جو اختيار دماغ جي ان حصي وٽ آهي جنهن تي انسان جو ڪوبه وس ۽ اختيار نه ٿو هلي.انسان جو دل،هاضمي جونظام ،رت جي گردش جو نظام ،جسم مان صفائي جو نظام انهن سڀني نظامن تي ته انسان جو ڪو به وس نه ٿو هلي اهي ته خود ڪار آهن ،تنهڪري اهي تقديري آهن.تنهنڪري انسان جي جسم جي اندر تدبيري حصو تما م گھٽ آهي.جيڪو گھٽ حصو آهي تنهن جي به چاٻي انسان ۾ ڀريل آهي.بک لڳڻ جي چاٻي ڀريل آهي، لازمي اختياري حصو استعمال ڪري ماني کائيندو،تنهنڪري تقدير ۽ قسمت جي خلاف اهو دليل اجايو آهي ته ڪير ماني هٿ ۾ کڻي وات ۾ نه وجھندو ته پاڻهي ته ڪانه ويندي.جيڪڏهن صحت خراب هوندس ،هاضمو خراب ته پوءِ مطلب ته چاٻي به خراب هوندي انسان ڀلي ڪيڏي به ڪوشش ڪري ته به ڪجھ به کائي نه سگھندو.هن دنيا ۾ تمام گھڻا عوامل آهن جيڪي ڪنهن واقعي جي ٿيڻ ۾ پنهجو پنهجو ڪردار ادا ڪن ٿا،صرف انسان جو تدبيري حصو اڪيلو به ڪجه نه ٿو ڪري سگھي اتي باقي رهيل تدبيري حصي جي انساني زندگي ۾ واقع ٿيندڙ واقعن ۾ به ان حصي جو اختياري حصو وري اڃا به گھٽجي وڃي ٿو.هاري زميندارڏاڍي محنت ۽ خرچ کان پوءِ فصل تيار ڪيو،بارش ۾ سڀ ٻڏي ويو،اتي به وري تقدير تدبير تي غالب اچي ويئي. اهڙيءَ طرح انساني زندگيءَ ۾ اهڙا تمام گھڻا مثال نظر ايندا جيڪي انساني جدوجهد جي باوجود ڪارآمد نه ٿي سگھيا.تقدير تي انسان جو يقين ڪڏهن به تدبير اختيار ڪرڻ کان روڪي ڪونه ٿو،پر جيئن ته انسان کي مختلف صلاحيتن سان نوازيو به ويو آهي تنهڪري هن کي تدبير اختيار ڪرڻ جو حڪم به الله سائين ڪيوآهي. تنهڪري انسان کي هن دنيا ۾ جيڪي ڪجھ مليل آهي سو الله سائين طرفان آهي ان تي ڪڏهن به گھمنڊ نه ڪرڻ کپي ۽ نه ئي وري انهن ماڻهن کي پاڻ کان گھٽ سمجھڻ گھرجي جيڪي انهن نعمتن کان محروم آهن.نه ئي وري ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجھ گھٽ مليل نعمتن تي ڪرڪجي،نه ئي وري ڪنهن سان حسد ڪجي، نه ئي وري احساس محرومي جو شڪار ٿجي.ساڳي طرح نه احساس برتري جو شڪار ٿجي نه ئي وري احساس ڪمتري جو شڪار .تقدير جا به ٻه قسم آهن،هڪ مبرم ۽ ٻي معلق.مبرم اها تقدير آهي جنهن ۾ تبديلي جي ڪابه گنجائش نه آهي.باقي تقدير معلق دعا سان تبديل ٿي سگھي ٿي.قومن جي معاملي ۾ وري تدبيرتقدير تي غالب اچي ٿي.جھڙيءَ طرح قرآن پاڪ ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي ته الله ايستائين ڪنهن قوم جي حالت تبديل نه ٿو ڪري جيستائين اها پنهجي حالت پاڻ تبديل نه ڪري.ان ۾ به اهو آهي ته ڪجھ صفات جھڙوڪ عدل و انصاف،محنت،سچائي،علم سان محبت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو وغيره اهڙيون آهن جيڪڏهن ڪابه قوم پاڻ ۾ پيدا ڪندي آهي ته الله سائين ان قوم کي غالب ڪري ڇڏيندو آهي.هيءَ مضمون تمام وسيع آهي،۽ مون لاءِ ممڪن به نه آهي ته ان تي مڪمل لکي سگھان ۽ ان جي سڀني پهلوئن تي لکي سگھان،هتي صرف تقدير۽ تدبير جي اثرات جي هن دنيا تي پوندڙ نتيجن جوجائزوورتو ويو آهي.انسان کي پنهجي نيت تي مڪمل اختيار آهي.نيڪي ۽ برائي اختيار ڪرڻ جو به هن کي اختيار آهي،باقي جيترا وسائل هن کي ڏنا ويا آهن ان مطابق ئي هن کي آخرت ۾ حساب به ڏيڻو پوندو.
ادا جميل احمد نهايت بهترين ۽ عرق ريزي سان ڄوڙيل مضمون جنهن ۾ کوڙ سارين علمي ديني ڳالهين تي پروڙ ٿئي ٿي ، الله اوهان کي هن محنت جو اجورو خيندو ان شاء الله !
ReplyDelete