فرار يا سرفراز
موت کان بچجي،اهو ته ممڪن ڪونهي،حادثن کان بچجي،پوڙهائپ کان بچجي،بيمارين کان بچجي،ڇا کان ڀڄي ڇا کان ڀڄجي.چڳو ڀلا انهن سڀني خوفن کان ئي ڀڄي جان ڇڏائجي.اهي سڀ حقيقتون وجود ته رکن ٿيون جن کي نظراندازبه ته نه ٿو ڪري سگھجي،پوءِ ڀلا ڪجي ته ڇا ڪجي؟انسان لاءِهن دنيا جي حقيقتن کان فرار جي صرف هڪڙي ئي صورت هئي ته هو هن دنيا ۾ پيدا ئي نه ٿئي ها.جڏهن انسان کي هن دنيا ۾ اڃا تائين وجود نه مليوهو،پرهن جي تخليق جو ارادو الله سائين ڪيو ته ملائڪن کي هن مخلوق جي تخليق تي اعتراض ٿيو،پر الله سائين سندن ان خدشي کي رد ڪندي کين ان حقيقت کان آگاه ڪيوته جيڪي آئون ڄاڻان ٿو سو توهين نه ٿا ڄاڻو.مطلب ته انسان جي تخليق کي الله سائين پسند ڪيو ۽ ان ارادي مطابق انسانن کي وجود جو شرف بخشيو.هاڻي انسانن لاءِ صرف ٻه صورتون بچيون آهن ته هو الله پاڪ جي حڪمن کي نبين سڳورن جي طريقي مطابق پورو ڪري ڪاميابي ماڻين،۽ مان،مرتبو،عزت،۽ شان حاصل ڪن يا ان جي مخالفت ۾ زندگي گذاري پنهنجو پاڻ کي برباد ڪن.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو