محبتي آفيسر
منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته هو هڪ آفيسر جي ماتحت هڪ پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو،هڪدفعي عيد جي رات جو هڪ واقعو ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ٻڌايائين سو قارئين جي اڳيان سندس زباني بيان ڪريان ٿو.صاحب مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ ڪم جي باري ۾ به مون تي مڪمل اعتماد ڪندو هو.مون سان ڪچهريءَ به ڏاڍي ڪندو هو ۽ مشڪل سان وڃڻ جي اجازت ڏيندو هو،پر چوندا آهن ته ڪنهنجو گھڻو ڀائڻ به مهانگو پوندو آهي.هڪ دفعي رات جو سندس گھر هن سان گڏ ڪچهريءَ ۾ ويٺو هوس،سياري جي موسم هو، ڪمري ۾ هيٽرهلي رهيو هو،صبح جو عيد هجي،رات جا ڏه ٿي رهيا هئا،صاحب جن کي عرض ڪيم ته ”سائين صبح جو عيد لڳي پئي آهي،ٻارن لاءِ ڪپڙا به درزي کان کڻڻا اٿم،تنهنڪري هاڻي مون کي اجازت ڏيندا ته گھر وڃان“جواب ڏنائين ته ويه اڃا ٿورو وقت ٿيو آهي.ايتري ۾ بورچي به اچي گذارش ڪئي ته سائين مون کي گھر وڃڻ جي موڪل ڏيندا،صبح جو عيد لڳي پئي آهي ته ان کي چيائين ته صبح جو ٻڪرن جي عيد آهي،تون ته انسان آهين،تنهنجو ان عيد ۾ ڇا وڃي ،ماٺ ڪري وڃي ويه.اها صورتحال ڏسي ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته هاڻي ڇا ڪريان؟ محسوس ڪيم ته هيٽرجي گرمي تي منهنجو جسم گرم محسوس ٿي رهيو آهي ان جو فائدو وٺان سو سائين جن کي عرض ڪيم ته ٻن ڏينهن کان منهنجي طبيعت خراب آهي،بخار اٿم موڪل ڏيو ته گھر وڃان،ٻانهن تي هٿ لڳائي ڏٺائين سا ته واقعي گرم لڳس.توکي ته بخار آهي اهو پڪ مليريا جو بخار اٿئي”ڊارلنگ! ٻه فينسيڊارجون گوريون ۽ هڪ مڳو کير جو کڻي اچ“سندس زال کي چيائين.اها ڳاله ٻڌي منهنجون ته وايون ئي بتال ٿي ويون.فينسيڊار جون ٻه گوريون ۽ کير جو مڳو ڏيندي چيائين ته ”هي کائي وٺ“.ڊپ ۾ هڪ گوري ته کائي ويس پوءِ ٿوري ڳاله سمجھ ۾ آيم،ٿوٿو! ڪري واش روم ۾ داخل ٿي ٻي گوريءَ کي واش بيسن ۾ اڇلي ڇڏيم ۽ پوءِ ٻاهر نڪري اچي سائين جن کي عرض ڪيم ته سائين! منهنجي طبيعت هاڻي ته صفا خراب ٿي پئي آهي هاڻي گھر وڃي رهيو آهيان“ائين جان ڇڏائي ٻاهر نڪتم،سائين جن جو ڊرائيور ٻاهر مليو،ٻڌايائين ته سائين کان عيد جي لاءِ موڪل ٿو وٺڻ وڃان.مون ٻڌايو مانس ته موڪل ڪونه ڏيندئي،اتان ئي بغير اجازت جي هليو وڃ.پوءِ اهو به اتان گھر روانو ٿي ويو.پوءِ ٽي ڏينهن ته آئون صاحب وٽ نه ويس،پر پوءِ جيئن ئي چوٿين ڏينهن ويومانس ته ڏاڍي جٺ ڪيائين اڳيون پويون ڪسرون سڀ ڪڍي ڇڏيائين.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو