هن دنيا ۾ هرانسان سڪون ۽ آرام جو متلاشي آهي.جنهنڪري ڪافي ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪري ٿو ته ڪاميابي واري زندگي گذاريان. سڀ ڪجھ هجڻ جي باوجود به انسان هن دنيا ۾ ڪڏهن به خوش رهي نه ٿو سگھي جيڪڏهن هو صحتمند نه آهي.صحت جو زندگي گذارڻ جي طريقي سان وري تمام گھڻو تعلق آهي.انسان جڏهن هن مقابلي واري دنيا ۾ پنهنجي ڪاميابي لاءِ جدوجهد ۾ لڳي وڃي ٿو ته هو صحتمند زندگي گذارڻ واري طريقي کي وساريو ويهي.ڪڏهن وري سڀ ڪجھ هئڻ جي باوجود به پنهنجي وقت کي ظاهري وقتي مزي وٺڻ لاءِ ڪجھ ضروري اصولن کي وساريو ڇڏي،۽ ان جي نتيجي ۾ وري هاڃيڪار نتيجا ڀوڳي ٿو.جنهن ۾ نشيوار شين جو استعمال شيون يان ٻيون ڪجھ منع ڪيل سرگرميون پڻ اچي وڃن ٿيون.گھٽڪي،پان،مين پڙي،۽ سگريٽ جو استعمال به مزي حاصل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش جو حصوآهي جنهنجي قيمت بهرحال فرد کي ادا ڪرڻي پوي ٿي.ڪجھ ماڻهوءَ وري اهڙا آهن،جيڪي منفي سرگرمين ۾ ته مشغول نه ٿا ٿين،پر پنهنجو وقت ڪجھ اهڙين شين تي لڳائين ٿا،جنهنڪري هنن کي ننڊ قربان ڪرڻي پوي ٿي.ڪمپيوٽر،ليپ ٽاپ،موبائل فون وغيره جن ۾ ڪافي ڪارآمد مواد موجود آهي،جن مان اسان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ تمام گھڻو فائدو وٺون ٿا،پر تنهن هوندي به اڪثر غير محسوس طريقي سان به ان تي وقت وڃائيندا رهندا آهيون،نه صرف اهو پر ان سان ننڊ به قربان ڪري ڇڏيندا آهيون.ان کان علاوه ڪجھ ماڻهوءَ وري مختلف عياشين لاءِ به پنهنجي ننڊ قربان ڪري ڇڏيندا آهن.ڇا اهو ممڪن آهي ته اسين ننڊ کي قربان ڪري هن دنيا ۾ مزو وٺي سگھون.(هن مضمون جو اخلاقي پاسن سان ڪو به تعلق نه آهي).
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو