Pages

Friday, December 14, 2012

جيب ڪترن جي ڪهاڻي

جيب ڪترن جي ڪهاڻي

آئون سمجھندو هوس ته جيڪڏهن ڪوبه جيب ڪترو ماڻهوءَ جي کيسي مان پئسا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي پڪڙڻ سولو ڪم آهي.جيڪڏهن ڪنهن کي خبر نه ٿي پوي ته اها ان جي غفلت آهي،باقي ان ۾ جيب ڪترن جي ڪا خاص مهارت نه آهي..منهنجو خيال هو ته جيب ڪترن جون ۽ ڪهاڻيون وڌائي پيش ڪيون وڃن ٿيون.
ٿي سگھي ٿو ته ڪن ۾ حقيقتون ته ڪن ۾ وري وڌاءُ به هجي باقي جيب ڪترن جو پنهجي فن ۾ مهارت جو تجربو مون کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو حيدرآباد شهر ۾ هلندڙ هڪ لوڪل بس سروس اي ون(A-1) جي سفر دوران ٿيو، جيڪا لطيف آباد مان به گذري ٿي،تنهن ۾ سفر دوران ٿيو.بس مان جنهن اسٽاپ تي مون کي لهڻو هو،جيئن ئي بس مان لهندي پنهجي پاسي واري کيسي کي هٿ هنيم ته ان ۾ موبائل فون موجود نه هئي،واپس بس ۾ چڙهي پيس ۽ اعلان ڪيم ته ”منهجي کيسي مان ڪنهن موبائل فون ڪڍي ورتي آهي.“ بس ۾ موجود مسافرن چيوته ” سم جو نمبر ٻڌاءِ ته نمبر ڊائل ڪريون جي فون وڳي ته خبر پئجي ويندي ته ڪنهن وٽ فون پيل آهي.“ تڏهن ته مون کي پنهنجو فون نمبر ياد ئي نه هو،پوءِ بس مان لهي واپس ٿيس.ٻيو سيٽ خريد ڪري ان ۾ جيڪا سم لڳايم ترت ئي ان جو نمبر ياد ڪري ورتم.
هاڻي ضروري آهي ته مٿي ذڪر ڪيل بس جي مزاج جو ڪجھ تعارف ڪرائجي.ان بس ۾ چڙهڻو به ڊوڙي پوندو آهي ۽ لهڻ مهل وري زور لڳائي تڪڙ ۾ لهڻو پوندو آهي اها هڪ مني بس آهي جيڪا صفا سوڙهي آهي.جيڏي مهل خالي هوندي آهي ته صفا آهستي هلندي آهي،ته جيئن ته اڳين اسٽاپ تي ڪجھ مسافر گڏ ٿي چڪا هجن،ڀريل هوندي آهي ته تڪڙو هلندي آهي ته جيئن ته جلدي اڳين اسٽاپن تي مسافرن کي لاهي وڌيڪ مسافرن لاءِ گنجائش پيدا ڪجي.
 بسن ۾ سفر دوران کيسي ڪٽجڻ جو واقعومون سان زندگيءَ ۾  ٽي دفعا پيش اچي چڪوآهي،ٻه دفعا کيسو ڪٽجي ويو،باقي هڪ دفعو بچي ويو. ٻئي دفعي اهو واقعو 
 ٽنڊي آدم واري بس ۾ پيش آيو، جيڏي مهل ڪنڊڪٽر ڪرايو گھريو ته کيسي ۾ هٿ هڻڻ سان خبر پئي ته اهو خالي آهي.
ان کان ڪجھ ڏينهن پهرئين ئي منهجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراه مون کي خبردار ڪيو هو ته هن بس ۾ جيب ڪترا هلن ٿا،پنهنجي کيسي جو خيال ڪريو متان پوءِ وري مون تي الزام هڻو.
ان ٻئي واردات کان پوءِ ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ جڏهن دوستن کي اها ڳاله ٻڌايم ته هڪ دوست وري هڪ دلچسپ واقعو ونڊيو سو هتي بيان ڪرڻ جھڙو آهي.
سنڌ جي ڪنهن ننڍي شهر۾ هڪ پوليس واري وٽ ٻه مهمان مختلف جاين تان آيا،ٻنهيءَ کي هڪ ئي ڪمري ۾ رات جو سمهڻ لاءِ کٽ ۽ بسترو مهيا ڪيائين.ٻئي ڏينهن هڪ مهمان صبح جو سوير اٿي ،ناشتو ڪري واپس پنهنجي ماڳ ڏانهن روانو ٿي ويو.ٻيو مسافر جڏهن ننڊ مان اٿيو ته پنهجي ٽنگڻي ته ٽنگيل قميص جڏهن کڻي ڏسي ته سا خالي پئي آهي.ان ۾ جيڪي پئسا موجود هئا سي ڪير ٻهاري ويو.ان مهمان ميزبان سان ان شڪ جو اظهار ڪيو ته اهو ڪم ٻئي مهمان ڪيو آهي.ميزبان ان مهمان کان به چڱيءَ طرح واقف هو،تنهڪري متاثر مهمان کي چيائين ته حقيقت ائين نه آهي، هو اهڙو ماڻهو ئي نه آهي.اهي پئسا ملي ويندا،حقيقت کي آئون سمجھي ويو آهيان.جيئن ته ميزبان مقامي پوليس وارو هو، تنهڪري حد جي جيب ڪترن کي گھرائي انهن کي ڌمڪي ڏيندي انهن کان پڇيائين ته، ڪاله هتي آيل هڪ مسافر،جيڪو مهنجو مهمان آهي، جي کيسي مان جنهن مان به پئسا ڪڍيا هجن ته شرافت مان واپس ڪري نه ته نتيجي لاءِ تيار رهي.اها ڌمڪي ٻڌي هڪ جيب ڪتري پئسا واپس ڪيا. 
هڪ دفعي مذڪوره حيدرآباد واري بس ۾ بلڪل پوئين سيٽ تي ويٺو هوس، ته هڪ جيب ڪتري کيسي مان ٻن آڱرين ذريعي ٻٽون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي،ڏسي ورتومانس،مون سندس هٿ هٽائي گھوري ڏٺومانس ته ايتري ۾ بس کي بريڪ لڳو ۽ هڪ نئون مسافر اچي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ويهي رهيو.جيب ڪتري وري ان جي کيسي تي به طبع آرمائي ڪئي،ان همراه به پڪڙي ورتس ۽ لتون مڪون هڻي بس مان لاهي ڇڏيائينس.اصل ۾ ڪمال اسان جو نٿي لڳو پر همراه نا اهل ٿي لڳو ان ڪري جو منهجي کيسي ۾ هٿ اهڙيءَ طرح ٿي وڌائين لڳو ائين ٿي ته ڄڻ پنهجي کيسي ۾ ٿو هٿ وجھي.پربحرحال ٻئي ڄڻا هن جي وار کان بچي وياسون پوءِ اسان جي ڀلائي هئي يا هن جي برائي.
ساڳئي بس ۾  مون سان گڏ هڪ ٻيو استاد به سفر ڪري رهيو هو،جيئن ئي هو اسڪول وٽ مون کان پهرين لٿو ته ،واپس رڙڪري مٿي چڙهيو ته” منهجو ٻٽون ڪنهن کيسي مان ڪڍي ورتو آهي“آئون هيٺ لهي پيس هو بس ۾ چڙهي اڳتي روانو ٿي ويو.ڪجھ وقت کان پوءِ جيئن ئي اسڪول پهتو ته ٻڌايائين ته جنهن جيب ڪتري ٻٽون ڪڍيو هو،ٻٽون اڃا هن جي هٿ ۾ ئي پيو هو،مون کي ڏسي کڻي هيٺ اڇلايائين ته مون واپس کڻي ورتو.

1 comment:

  1. جيب ڪترا پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکن ٿا ۽ هٿن جي اهڙي ته صفائي ٿا ڪري وٺن جو حيرت اچي وڃي۔ پر هنن جي ان عمل ۾ ڪيترائي ماڻهو پئسو ته ڇا پر پنهنجي قيمتي ڪاغذن کان به محروم رهجي وڃن۔

    ReplyDelete