هڪ ڊاڪٽر جو المناڪ داستان
2003 ع ۾ منهنجو وڏو چاچو جگرجي هڪ لاعلاج بيماري جي ڪري،حيدرآباد،سنڌ جي هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخل هو.ان بيماريءَ جي ڪري ئي هن فاني دنيا مان سندس انتقال ٿي ويو. اتي جي هڪ پروفيسر سان ڪچهريءَ ٿي جيڪو ان وقت ان يونيورسٽيءَ جي هڪ اهم عهدي تي فائزهو.هن حيدرآباد جي ڊاڪٽرن جي لاپرواهيءَ جو هڪ دردناڪ واقعو ٻڌايو،جنهن لاپرواهيءَ جي ڪري هن جو هڪ پٽ هميشه جي لاءِ معذور ٿي ويو.
هن ٻڌايو ته هن جي پٽ کي هڪ بيماري ٿي پئي ۽ هن حيدرآباد جي سڀني مشهور ڊاڪٽرن کان سندس پٽ جي بيماريءَ جو علاج ڪرايو،پر ڪنهن جي به علاج مان ڪو به فائدو نه پيو،پر” مرض بڙهتا گيا،جون جون دوا ڪي“ جي مصداق بيماريءَ وڌندي ويئي،آخرڪار هو ان بيماريءَ جي ڪري معذور ٿي کٽ ڀيڙو ٿي ويو.نيٺ هن وڃي جناح هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پٽ کي داخل ڪرايو.اتي ڊاڪٽرن مرض جي تشخيص ته ڪري ورتي،پر چيائون ته هاڻي ته الاهي دير ٿي چڪي آهي،بيماري جيترو نقصان ڪري چڪي آهي،ان جو ازالو نٿو ڪري سگھجي.جيڪڏهن ابتدا ۾ ئي مرض جي تشخيص ٿي وڃي ها ته پوءِ هيڏي وڏي نقصان کان بچڻ آسان هو ڇاڪاڻ ته هن کي صرف هڪ دوا سڄي زندگي کائڻي پوي ها،۽ بيماريءَ هن کي ڪو به مستقل نقصان نه ڪري ها. هن جي طبيعت بهتر رهي ها ۽ معذوريءَ کان به بچي وڃي ها.هن جي جسم ۾ هڪ زهر پيدا ٿي رهيو هو،اها هڪ سستي ۽ آسانيءَ سان دستياب دوا ان زهر جي ترياق جو ڪم ڪندي رهي ها ۽ هن کي ڪو به نقصان نه پهچي ها،هاڻي ته ان لاءِ ڪجھ به نه ٿو ڪري سگھجي.
هن وڌيڪ تفصيل ڪجھ هن طرح ٻڌايو.
اڃا به مايوس نه ٿيس ۽ هن جي صحت جي اميد رکي کيس علاج لاءِ انگلنڊ وٺي ويس.اتان علاج ڪرائڻ تي منهنجو ويه لک رپيا خرچ آيو.پر هنن به ساڳي جناح هاسپيٽل جي ڊاڪٽرن واري ڳاله ڪئي.پوءِ اتان جي هڪ ڊاڪٽر جيڪو منهنجي پٽ جو علاج ڪري رهيو هو،تنهن مون کان پڇيو ته ”ڇا توهان جي ڊاڪٽرن کي هن معمولي بيماري جي تشخيص ڪرڻ به ڪو نه ٿي اچي ؟“مون جواب ڏنومانس ته ”اسان جي ڊاڪٽرن وٽ اهڙي بهترين ”بيماريءَ جي تشخيصي مشينريءَ“ موجود نه آهي.جھڙي توهان وٽ موجود آهي ته چيائين ته” حيدرآباد وارو ايڪس ري ڏيکاريو“ اهو ڏسي چوڻ لڳو ته” اها بيماريءَ ته هن ايڪس ري ۾ به واضح نظراچي رهي آهي ۽ ٻي ڳاله ته هن بيماريءَ کي اکين جي چڪاس مان به آسانيءَ سان تشخيص ڪري سگھبو آهي .“ اها ڳاله ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي،ان ڳاله جو ڏک مون کي مرڻ گھڙيءَ تائين رهندو ته هڪ معمولي باعلاج بيماريءَ جي صرف تشخيص نه ٿي سگھڻ جي ڪري منهنجو پٽ هميشه لاءِ معذور ٿي ويو.“
اهڙيون غلطيون ۽ لاپرواهيون دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڊاڪٽرن کان به ٿي سگھن ٿيون.پر ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙين غلطين جو امڪان تمام گھٽ آهي،پر جيڪڏهن ڊاڪٽر لاپرواهي کان ڪم وٺن ته کين جوابده ٿيڻو پوندو آهي ۽ لاپرواهي جي نتيجي ۾ سزا به ڀوڳڻي پوندي آهي،جيئن مائيڪل جيڪسن وارو ڊاڪٽر آمريڪا ۾جيل جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.

اها هڪ حقيقت آهي ته اسان وٽ مسيحا گهٽ ۽ منافق گهڻا آهن.
ReplyDeleteاسان وٽ ڊاڪٽر هڪ ته مريض جو ڌيان نه ٿا رکن ٻيو ته جلدي ۾ هجڻ سبب مرض جي شناخت بجاء هڪ نه ته ٻيو نسخو ڏئي روانو ڪري ڇڏين. هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته اسان وٽ هاڻ ڊاڪٽر ته آهن پر اهي مسيحا ناهن رهيا.
ReplyDelete