Pages

Friday, December 7, 2012

دهشتناڪ دعائون

دهشتناڪ دعائون

1970ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن جي ڳاله آهي.گرمين جي موڪلن ختم ٿيڻ کان پوءِ اسڪول جو پهريون ڏينهن هو.ان وقت آئون ٻئي يا ٽئين درجي ۾ پڙهندو هوس.ٻه منهمجا هم ڪلاسي دوست اسڪول ۾ مليا تن پنهنجي پنهنجي رات جواسڪول جي باري ۾ گھريل  هڪ هڪ  دعا ٻڌائي،جيڪا قبول نه پيئي.
انهن دعائن جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پهريائين ضروري آهي ته مان توهان کي ان وقت جي سرڪاري اسڪولن جي حالات کان  آگاهي ڏيان ته جيئن ته توهان  انهن ٻن معصوم  ٻارن جي اڻ قبوليل دعائن جي تناظر کي سمجھي سگھو.
تن ڏينهن ۾ سڀني سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي پڙهائي ٿيندي هئي،استادن جي اسڪولن ۾ حاضري يقيني هوندي هئي،حاضريءَ سان گڏوگڏ استاد وقت جابه پابند هوندا هئا۽ اسڪولن ۾ اسيمبلي ءَ به پابندي ءَ سان ٿيندي هئي ،تنهنڪري ٻارن کي به روز پابنديءَ سان اسيمبلي ءَ ۾ اسڪول حاضر ٿيڻو  پوندو هو.گسائڻ جوته تصور ئي نه هو.گسائڻ جي ڪوشش جي ڪو ٻار ڪندو هو ته مٿين ڪلاسن جي ٻارن جي هڪ ٽوليءَ کي ان ٻار جي پڪڙڻ لاءِ موڪليو ويندو هو،پوءِ ٻار ڀلي ڪٿي به وڃي لڪي اهي کيس ٽنگو ٽاڙي ڪري اچي اسڪول پهچائيندا هئا.منهنجو هڪڙو عزيز جيڪو مون کان سينيئرآهي ۽ هن وقت ڪينيڊا جي شهريت اختيارڪئي اٿس، تنهن ٻڌايو ته سندس سنت طهر جي ڪجه ڏينهن کان پوءِ” استاد وڏي“ ( محترم عبدالعليم نظاماڻي صاحب،جيڪي ان وقت اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جا هيڊ ماسٽر هئا،جن جون تمام گھڻيون تعليمي خدمتون آهن) کيس گھٽيءَ ۾ ڏسي چيو ته تنهجي طهر کي ته جام ڏينهن گذري چڪا آهن هاڻي ته اسڪول اچ.مطلب ته ٻار کي اسڪول ضرور حاضر ٿيڻو پوندو هو.
ان وقت اسڪولن ۾ صفائيءَ لاءِ ملازم به مقرر ٿيل نه هئا،ٻارن کي اسڪول مان ٻهاري به پاڻ ئي ڏيڻي پوندي هئي،هر ڏينهن لاءِ هڪ ٽولي مقرر ٿيل هوندي هئي،جن کي صبح جو سوير وڃي،هيڊ ماستر صاحب جي گھران چاٻي کڻي اسڪول ۾ وڃي ٻهاري ڏيڻي پوندي هئي.
ان وقت جي تعليمي نظام ۾ مثبت پهلوءَ ته تمام گھڻا هئا،باقي هڪڙي ڳاله ڪجھ منفي هئي ته اسڪولن ۾ مار ڏاڍي هوندي هئي.هرڪو استاد پنهنجي مزاج جو هوندو هو،ڪو گھٽ ته ڪو وڌيڪ مارڏيندو هو،ڪي ته استاد خير اهڙا به هوندا هئا جيڪي مار نه ڏيندا هئا.بنا سبب ته مار نه ملندي هئي،پربهرحال ماراسڪولن ۾ عام هئي.
جن منهنجي ٻن هم ڪلاسي دوستن جو ذڪر مون شروع ۾ ڪيو آهي،تن مان هڪ کي استاد صاحب هڪ حساب غلط ڪرڻ تي سليٽ اڇلائي هنئي ته ان سليٽ هن جي هڪ هٿ جي ڪارائيءَ کي زخمي ڪري وڌو،جنهن مان رت وهڻ لڳو.
جڏهن آئون ٽئين درجي ۾ پڙهندو هوس ته منهجو هڪ ڪلاسي غيرمسلم ڀيل ڇوڪرو،حساب غلط ڪرڻ تي ڏاڍي مار کائيندو هو،هڪ ڏينهن هوءَ منهنجي ڀر ۾ ويٺو هو،۽ ڏٺم ته حساب غلط ڪيو ويٺو هو مون کي هن تي رحم اچي ويو ۽ هن کي حساب صحيح ڪرائي ڇڏيم،استاد محترم منهنجي ان حرڪت کي نوٽ ڪري ورتو،۽ سڏ ڪري زور سان ڳل تي هڪ ٿڦڙ وهائي ڪڍي.ان ڏينهن کان پوءِ مون اهڙي نيڪيءَ ڪرڻ کان هميشه لاءِ توبه ڪري ڇڏي.
ان سڄي پسمنظر پيش ڪرڻ کان پوءِ توهان کي هاڻي انهن معصوم ٻارن جون ان رات جون گھريل دهشتناڪ دعائون ٻڌايان ٿو.
هڪ ٻاردعا گھري ته خدا ڪري! اسڪول جي مٿان هوائي جھاز ڪري.
ٻئي ٻار دعا گھري ته خدا ڪري!اسڪول کي چور ڊاهي وڃن.

1 comment:

  1. ”سڏ ڪري زور سان ڳل تي هڪ ٿڦڙ وهائي ڪڍي.ان ڏينهن کان پوءِ مون اهڙي نيڪيءَ ڪرڻ کان هميشه لاءِ توبه ڪري ڇڏي.“

    بلڪل جي اهڙا استاد نه هجن ها ته واقعي انهن ٻارن جون دعائون شايد قبول ٿي وڃن ها.

    ReplyDelete