شاگرد جو هڪ عجيب مسئلو
11 سالن تائين مون هڪ پرائمري اسڪول ٽيچر جي نوڪري ضلع ٽنڊو الهيارصوبه سنڌ،ملڪ پاڪستان ۾ ڪئي آهي.منهجي پوسٽنگ ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ هئي.هڪ ڏينهن صبح ساڻ دستور موجب ٻارن جي حاضري ڀري رهيو هوس،ته ٻئي درجي ۾ پڙهندڙ هڪ ٻار غير حاضر هو،هن جي غير حاضريءَ جو سبب ٻين ٻارن ڏاڍو عجيب ٻڌايو.ٻارن چوڻي هن جي ماءُ مال لاءِ گاه ڪرڻ ويئي آهي.هن جي گھر ۾ موجود واحد ڪچي ڪوٺيءَ جي دروازي کي تالو ڏيئي ويئي آهي.ان ڪوٺيءَ ۾ ان شاگرد جا ڪپڙا پيل آهن ۽ پاڻ ڪوٺيءَ ٻاهران اگھاڙو ويٺو ماءُ جو انتظار ڪري رهيو آهي. جيئن ئي سندس ماءُ گاه ڪري واپس ايندي،۽ ڪوٺيءَ جو دروازو کوليندي ته هوءَ ڪپڙا پهري اسڪول ايندو.
ٿوري ئي دير ۾ اسڪول جي بائونڊري وال جي دروازي وٽ ان ساڳئي شاگرد کي بدن جي چوڌاريءَ ٽوال ويڙهي بيٺل ڏٺم،جيڪو چئي رهيو هو ته سائين! ڪپڙا پهري پوءِ اسڪول اچان ٿو.
هيءَ ته هڪڙي حقيقت هئي،پر ان سان ملندڙ جلندڙ اسڪول جي هڪ ٻار جو هوم ورڪ ڪري نه اچڻ جو عجيب بهانوانگريزيءَ ٻوليءَ جي ماهوار رسالي ريڊرس ڊائجسٽ ۾ به پڙهيم.مون کي ته خير اهو به هڪ حقيقت لڳو،پرلکڻ واري استاد جي بقول ته مون ڪڏهن به ڪنهن ٻار جو هوم ورڪ ڪري نه اچڻ جو اهڙو عجيب سبب نه ٻڌو.
ان استاد ٻڌايو ته شاگرد هوم ورڪ نه ڪري اچڻ جو سبب اهو ٻڌايو ته جنهن پيتيءَ ۾ منهنجا ڪتاب ۽ ڪاپيون پيل آهن،ان جي مٿان ٻليءَ پونگڙن کي جنم ڏنوآهي.تنهڪري اهي ڪتاب ۽ ڪاپيون ان مان نه ڪڍي سگھيس،۽ هوم ورڪ به نه ڪري سگھيس.
مون کي ته ٿو لڳي ته ان ٻار به ڪوڙنه ڳالهايو هوندو ڇوته ڪو به ٻار اهڙو ڪوڙ گھڙي نه ٿوسگھي.

زبردست سائين تمام بهترين، توهان هڪ اهڙي ڳالهه ٻڏائي آهي جيڪا مون به اڳ نه ٻڏي هئي.
ReplyDeleteٻار واقعي اسان جي معاشري جو مظلوم ترين طبقو آهي
ReplyDelete