اڃ
حاجي خدا ڏني سان منهنجي پهرئين ملاقات اسان جي ڳوٺ ۾ 1992ع ۾ ٿي.ان وقت سائين جن جي عمر ڪافي وڏي هئي،منهنجي والد صاحب ٻڌايو ته ”حاجي صاحب 1943ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندا هئا ۽ سائين منهنجا استاد آهن.“ ۽ وڌيڪ ٻڌايائون ته ”سائين لاءِ ماني آئون پاڻ کڻي ويندو هوس.“ تن ڏينهن ۾ مسافرن جي لاءِ ماني اسان جي گھران ويندي هئي.تن ڏينهن ۾ سفر جون مناسب سهولتون نه هجڻ جي ڪري استادن جون ڊيوٽيون جن ڳوٺن ۾ لڳنديون هيون، اتي ئي رهائش اختيار ڪندا هئا.منهنجي والد صاحب جو نالو محمد ايوب،ڏاڏي جو نالو محمد اسحاق ۽ پڙ ڏاڏي جو نالو احمد علي آهي. منهنجي پڙ ڏاڏي احمد علي جون ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ محمد علي نالي هو،جيڪو تمام بزرگ شخصيت جو مالڪ هو.
مٿئين تمهيد بيان ڪرڻ جو مقصد محمد علي جي شخصيت جو تعارف بيان ڪرڻ مقصود هو.سائين خدا ڏني ٻڌايو محمد علي رحمته الله عليه منهنجا مرشد هئا.سندن هڪ واقعو بيان ڪيائون جنهن کي هت بيان ڪيان ٿو.
هڪ دفعي هڪ شخص وٽن مهمان ٿي آيو،۽ سوال پڇيائين ته ”ڇا انسان هن دنيا ۾ الله سائينءَ کي پسي سگھي ٿو.“ پاڻ کين جواب ڏنائون ته ”ها.“ پوءِ ان شخص ان ڳاله تي ڪافي بحث ڪيو ۽ مطمئن نه ٿيو ۽ ڳاله نه مڃيائين.
رات جي ماني پڪل ڪڪڙ سان ان شخص کي ڏيئي هليا ويا.هن ماني کائي ڍوء ڪيو،پوءِ کڻي ڏسي ته پاڻي لڀي ئي ڪونه.ڪوٺي جي دروازي کي ڏسي ته سو ته ٻاهران بند لڳو پيو آهي. پاڻي ملڻ جو آسرو لاهي همراه سمهي پيو.صبح جو جڏهن هو آيا ته ان مسافر شڪايت ڪئي ته ”سائين ماني ته توهان ڏاڍي ڀلي کارائي، پر پاڻي ڪونه پياريو.ٻيو ته ٺهيو پر مورڳو درازو ئي بند ڪري ويا.“ ”ها مون اهو ڄاڻي واڻي ڪيو هو پر توهان ٻڌايو ته پوءِ آخر ڇا ٿيو؟ سائين جن کيس چيو. هن جواب ڏنو ته ”بس پوءِ جيئن ئي ستس ته ننڊ ئي نه اچي، جيئن ئي ننڊ آئي ته خواب ڏٺم، ته هڪ دلي ۾ ٿڌو پاڻي پيل آهي، جيئن ئي ان مان پاڻي ڀرڻ جي ڪوشش ڪيم ته اک کلي ويئي،وري جو کڻي ستس ته خواب ۾ ٿو ڏسان ته هڪ اڏ پاڻي جي وهي رهي آهي،ان اڏ مان جيئن ئي پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪيم ته وري به اک کلي ويئي،وري جو سمهان ته خواب ۾ پاڻيءَ جو کوه نظر آيم،وري جو پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪيم ته وري به اک کلي پيئي مطلب ته سڄي رات ائين بيچيني ۾ گذاري اٿم.“ اها ڳاله ٻڌي پاڻ کيس فرمايائون ته جيئن ته توکي اڃ لڳل هئي ته تو کي خواب ۾ پاڻي نظر ايندو رهيو،بلڪل ائين جيڪڏهن ڪنهن کي هن دنيا ۾ جيڪا هڪ خواب مثل آهي الله سائين ءَ جي محبت جي اڃ هوندي ته اهو هن دنيا ۾ ئي کيس پسي سگھي ٿو.“ اهو جواب ٻڌي اهو شخص مطمئن ٿي ويو.
نوٽ. هن بيان ڪيل واقعي ۾ ٻه ڳالهيون ته پڪيون بنا ڪنهن شڪ شبهي جي سائين خدا ڏني صاحب کان منهنجون ٻڌل آهن.هڪ ته اهو فرمايائون ته سائين محمد علي رحمته الله عليه منهنجا مرشد هئا،ٻيو ته اهو جيڪو مسافر وارو واقعو ٻڌايائون.پر هڪڙي ڳاله ۾ ٿورو شڪ اٿم ته ڪٿي اهو واقعو ٻئي ڪنهن بزرگ جو ته نه ٻڌايو هئائون،جيڪڏهن ان جي باري ۾ ٻئي ڪنهن کي به پڪي خبر هجي ته مون کي ضرور آگاه ڪري.ان فرق سان به صرف واقعي جي سند مٽجي ويندي باقي مقصد ۽ مفهوم تي ڪو به فرق نه پوندو.
سائين منهنجا
ReplyDeleteاوهان جي بيان ڪيل واقعي جهڙو هڪ واقعو امام العارفين پيرسائين سيد محمد راشد روزي ڌڻي 1171هه _ 1234هه جي ملفوظات ۾ جلد نمبر 2 صفحو 239 تي آهي ، جنهن ۾ مشهور درويش ، شاعر قاضي قادن ڏانهن منسوب آهي.