Pages

Tuesday, July 16, 2013

اوچتو موت

اوچتو موت

”آئون گاڏي هلائي رهيو هوس،هو منهنجي ڀر ۾ اڳين سيٽ تي ويٺو هو،ته اوچتو ڪري پيو ۽ سندس نڪ مان رت وهڻ لڳو،گاڏي بيهاري هن کي سڌو ڪري اسرا يونيورسٽي هاسپيٽل پهتاسين ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته 15،20 منٽ پهرئين هن جو انتقال ٿي چڪو آهي.سائين !ڪجھ به ڪونه هوس،بلڪل ٺيڪ هو،رات جو 10 بجي ڌاري ڏسان ته ڇوڪرا گاڏي وٽ بيٺا آهن،پڇيومان ته ٻڌايائون ته ڪجھ به ڪونهي بس نياز حسين چئي ٿو ته سيني وٽ ٿورو سور ۽ ساڙو اٿم.ان کي ڀر واري ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکاري واپس موٽي ٿا اچون.مون چيو ته پوءِ آئون به گڏ هلان ٿو،هتي ڪهڙو ويٺو فونن تي خبرون وٺندس ۽ پريشان ٿيندس. ڊاڪٽر صاحب چڪاس ڪري ڪجھ دوائون ۽ ٽيسٽون لکي ڏنيون.دوائون اتان ئي ورتيون سين،باقي ٽيسٽن لاءِ نياز حسين چيو ته صبح جو ڪرائينداسون. مون چيومانس ته صبح جو تون ٽيسٽون ڪونه ڪرائيندين،وري ڪجھ ڏينهن لڳي ويندا،هينئر جو هينئر ئي سڌو حيدرآباد ٽيسٽن لاءِ هليا ٿا هلون،پوءِ هلڻ لاءِ راضي ٿي ويو.گس تي کل ڀوڳ ڪندو هليو،هڪڙي کير کڻي ويندڙ گاڏي کي ڏسي چيائين ته خيال ڪجانءِ بابا! ڪٿي ٺڪاءُ وڃي ٽڪرنه ڪرائينس.“نيازحسين جو والد وڏي بردباريءَ سان تڏي تي ايندڙهر  شخص کي پنهنجي نوجوان پٽ جي او چتي موت جي پوري تفصيل سان  آگاهي ڏيئي رهيو هو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”سائين! اڄڪله آئون ڏاڍو خوش هوس،پيسي جي حساب سان نه،خير شڪر آهي گذرسفر هلي پيو،پرهون ئي زندگيءَ مان مطمئن هوس.“
نيازحسين سان منهنجي واسطي کي 13 سال کن ٿيندا.هنن وٽ ڪجھ پنهنجي زمينداري به آهي ته پنهنجو ٽريڪٽر ۽ ٽالهو به اٿن.ٻنين ۾ کيڙِيءَ جو ڪم ۽ مل ۾ ڪمند کڻي وڃڻ جو ڪم ڪندا آهن.مون سان ڏيتي ليتي ۾ نيازحسين جو هٿ ئي هوندو هو،سندس والد صاحب سان هي منهنجي پهرئين ملاقات هئي.هيءَ خاندان اسان جي ڳوٺ جي ڀرواري ڳوٺ ۾ رهي ٿو.
هي واقعو جنرل اليڪشن 2013 ع کان ڪجھ مهينا پهرئين جو آهي، هنن جي هونئن ئي اٿي ويٺي سٺي آهي تنهڪري تعزيت لاءِ جام ماڻهوءَ پئي آيو،پر ان کي کڻي هڪڙو اتفاق چئجي پرمنهنجي اتي موجودگيءَ جي دوران اسان جي تڪ جي قومي اسيمبليءَ جي اميدوار جو پٽ جيئن ئي پٿر تان واپس ٿيو ته جلد ئي وري سندس چاچواچي حاضر ٿيو، جيڪو پاڻ اسان جي تڪ ۾ صوبائيءَ اسيمبليءَ جو اميدوارهو.ٿوري ئي دير گذري ته وري هڪ ٻيو صوبائي اسيمبليءَ جو اميد وارآيو،ان جي واپسي کان پوءِ جلد ئي وري سندس والد صاحب آيو،جيڪو گذريل سنڌ حڪومت ۾ وزيرپڻ هو.
ان واقعي کان ڪجھ ڏينهن پهريائين ڳوٺ ۾ هڪ ميڊيڪل اسٽور تي ويٺو هوس ته ڀر۾ موجود پڪوڙن واري ٻڌايوته لڳي ٿو ته ڪير گذاري ويو آهي،روڊ تي سامهون واري هڪ گھر وٽ هڪ سوزوڪي اچي بيٺي ۽ ائين پئي لڳو ته ڪا ميت پئي لاٿائون.ٿوري ئي دير ۾ خبر پيئي ته ڀورو انتقال ڪري ويو آهي.ڀورو مال جي خدمت جو ڪم ڪندو هو،پوءِ ڪڏهن ڪنهن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن وٽ پگھارتي ڪم ڪندو هو.پوءِ خبر پيئي تازو ڪاله ئي سندس پنهنجي مينهن آئي هوس،تنهنڪري ڏاڍو خوش هو،ان جي لاءِ ڪمند جي ڇليءَ تان گاه کڻڻ لاءِ ويو هو،ساڻس گڏ موجود ڪم وارن ٻڌايو ته ڪم ڪري رهيو هو ته اوچتو طبيعت خراب ٿي پيس،۽ پٽ تي ڪري پيو،ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال ۾ کڻائي وياسون ته ڊاڪٽرٻڌايو ته دم ڌڻي حوالي ڪري چڪو آهي. 

6 comments: