هڪ شرط
جولين سمن اهو شخص آهي جنهن آبادي وڌڻ سان نقصان ٿيڻ جي نظرئي جي نه صرف مخالفت ڪئي،پر جيڪي ماهر ان جا حامي آهن،تن کي للڪاريو ته جيڪڏهن توهان کي پنهجي نظرئي تي ايڏو يقين آهي ته پوءِ مون سان هڪ شرط هڪ هزار آمريڪي ڊالرن جو رکو،ڪي به پنج ڌاتو چونڊيو، مون کي يقين آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ انهن جو اگھ ڪرندو،۽ جيڪڏهن اگھ وڌي وڃي ته شرط توهان کٽي ويندا.1980 کان 1990 تائين اهو شرط رکيو ويو.اهي پنج ڌاتو،ڪاپر،ڪروميم،نڪل،ٽن ۽ ٽنگسٽن هئا.
جولين سمن هڪ اقتصادي ماهر آهي ،هن جو خيال آهي ته ڌاتن جي اگھ جي تاريخ مطالعي مان کيس معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن افراط زر(inflation) جي فرق کي ڪڍي انهن جي گذريل سو سالن جي قيمت ۾ ڀيٽ ڪجي ٿي ته انهن جو اگھ گھٽيو آهي.
هن جو خيال آهي ته آبادي جي وڌڻ سان وقتي طورتي ته مشڪلاتون ٿين ٿيون پران ۾ مستقل فائدو آهي.هن جو خيال آهي ته مسائل جي محدود هجڻ جي بنياد تي آبادي جي واڌ جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي،پر حقيقت ۾ وسائل محدود نه آهن. پهرين موجود وسيلن جي نعملابدل طورنوان وسيلا درفيات ٿيندا رهن ٿا،اهي سستا ۽ وڌيڪ سولا هجڻ جي ڪري،پهرين وسيلن جي استعمال ۽ گھٽتائي اچڻ جي ڪري انهن جي قيمت ڪري پوي ٿي.
هن جو خيال آهي ته جيئن آبادي وڌندي،تيئن وڌيڪ ذهن پيدا ٿيندا ،وڌيڪ ذهن پيدا ٿيڻ سان تمام ذهين انسانن جي پيدائش جي نسبت هن دنيا ۾ وڌي ويندي،اهي دماغ نون وسيلن جي جلدي دريافت ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ انساني خوشحالي ۾ مستقل اضافو ٿيندو رهندو.
اهو شرط ته جان سمن کٽي ويو، هنن جيڪي پنج ڌاتو چونڊيا هئا،سڀني جو اگھ ڪري پيو،هر ڌاتو تي ٻه ٻه سو ڊالرن جو شرط هو،تنهڪري هارائڻ وارن 1000 آمريڪي ڊالرجولين سمن کي ڏنا،پر هن جي ڳاله سان متفق نه ٿيا،هنن جو خيال هو ته ڌاتن جي اگھ ۾ ڪمي جا ٻيا سبب هئا.(1990ع ڏهاڪي جي شروعاتي سالن جي هڪ ماهوار رسالي ريڊرس ڊائجسٽ جي هڪ مضمون جو اختصار)
جولين سمن سان ڀلي ئي هم راءِ نه آهيان پر هن آرٽيڪل ذريعي ڄاڻ ۾ ته اظعافو ٿيو آهي
ReplyDelete